سائبر ٽيڪناجيءَ جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻولي ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو؟
ھيءَ ڳالهہ ھڪ مطلق سچ آھي تہ انساني ٻوليون صدين کان انساني تھذيبن جي جوڙجڪ، واڌ ويجهہ ۽ سڃاڻپ جون بڻياد رهيون آهن. ٻولين جي اوسر ۽ بقا بابت اھو عام طور تي چيو ويندو آھي تہ: ”جيڪا ٻولي مارڪيٽ جي واھپي ۾ ايندي سا ئي بچي سگهندي.“ اھا ڳالهہ پنھنجي جڳھ تي سئو سيڪڙو درست آھي پر اسان وٽ جيڪو مارڪيٽ جو تصور اڳ ھوندو ھئو يعني جيڪو آڙھتيءَ، دڪانداريءَ يا بازارين وارو مارڪيٽ دماغ ۾ ايندو ھئو، اھو ساڳيو مارڪيٽ اڄ جڏھن دڪانن، شين يا مال برداريءَ کان اڳتي نڪري اسڪرينن تي اچي ويو آھي ۽ جتي اھو ڏينھون ڏينھن وڌ کان وڌيڪ جڳھ سيڙائيندو پيو وڃي اتي ھاڻي مارڪيٽ جو پراڻو تصور مليا ميٽ ٿيندو نظر پيو اچي. ھاڻي ٻولين جي بچاءَ واري ڳالهہ ان نئين ۽ نرالي نوعيت واري مارڪيٽ جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي آھي. ان نسبت سان هاڻوڪي نئين مارڪيٽنگ ۽ سائبر ٽيڪنالاجين جي دور ۾ ٻولين جي اهميت رڳو ثقافتي علامت ھجڻ تائين ئي محدود نہ رهي آهي پر هاڻي انساني ٻوليون اقتصادي سرگرمين، واپارن ۽ عالمي رابطن جو پڻ اهم وسيلو بڻجي ويون آهن. اسان جي سنڌي ٻولي، جيڪا هڪ قديم ۽ زرخيز ورثي واري ٻولي آهي، سا بہ اهڙن نرالن موقعن سان ڀريل ۽ سٿيل آهي، جن جي ذريعي نہ رڳو ان جي تحفظ ۽ واڌاري جي ضمانت ممڪن ٿي پئي آھي، پر ان کي بھترين آمدنيءَ ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ذريعو پڻ بڻائي سگهجي ٿو.
ڏسو نہ تہ؛ اڄ جي ڊجيٽل دنيا ۾ ٻولين جي بنياد تي مواد جي گهرج اڄاتي نموني سان وڌي وئي آهي. گوگل، فيسبڪ، يوٽيوب جھڙن وڏن پليٽفارمن جو ڌيان هاڻ مختلف علائقائي ٻولين جي مواد تي بيٺل آهي، ڇاڪاڻ تہ دنيا جي سرچ انجڻين جھڙوڪ گوگل، بنگ وغيرہ کي مقامي ٻولين ۾ ڳولها ڪندڙن ۽ سماجي نيٽورڪ جوڙيندڙ ويب سائيٽن جھڙوڪ فيسبڪ، ٽويٽر، يوٽيوب وغيرہ جو استعمال ڪندڙن جو انگ عالمي سطح تي ھاڻي اربن جي ڳاڻيٽي ۾ اچي ويو آهي. اوھان فيسبڪ ۽ يوٽيوب جو ئي مثال وٺو تہ لڳ ڀڳ ٽن اربن کان مٿي فيس بڪ تي ۽ يوٽيوب تي سوا ٻہ ارب ماڻهن رڳو گذريل مھيني ۾ استعمال ڪيو آھي. ان انگ کي ڏسي سائبر مارڪيٽنگ جي حڪمت عمليءَ تحت سنڌي ٻوليءَ لاءِ بہ هي دور هڪ شاندار موقعو کڻي آيو آهي تہ پاڻ کي بلاگنگ، وڊيو بلاگن، پوڊڪاسٽن ۽ اپليڪيشنن جي مدد سان نہ رڳو عالمي سنڌي برادريءَ تائين رسائي حاصل ڪرڻ گهرجي، پر اشتھارن، ٻين ڪمپنين جون مصنوعات وڪڻڻ واري گڏيل سائبر مارڪيٽن ۽ سبسڪرائبنگ ذريعي آمدني بہ حاصل ڪرڻ گهرجي. ڀارت ۾ ”دي وائرل فِيور“ نالي ھڪ ميڊيا ڪمپنيءَ اتان جي مقامي ٻولين ۾ وڊيو مواد تيار ڪري يوٽيوب جھڙا پليٽ فارم استعمال ڪندي اربين روپيا ھر سال ڪمائي رهي آهي. اهڙي نموني سان سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليمي، ثقافتي، کل ڀوڳن تي مشتمل مواد سان گڏ ۽ معلوماتي جيئن سائنسي، تدريسي، عالماڻي قسم جي مواد جا وڊيوز تيار ڪري عالمي سطح تي سنڌي آوازن کي اڳتي آڻي دنيا جي مارڪيٽنگ ۾ جڳھ بڻائي سگهجي ٿي. ھن عمل ۾ شروعاتي طور تي جيئن نئون ڪاروبار کولبو آھي ۽ سيڙپڪاري ڪري منافعي لاءِ انتظار ڪبو آھي ٺيڪ ائين ئي سائبر دنيا ۾ پڻ ٿيندو آھي.
آن لائن تدريس ۽ تعليم جي مارڪيٽنگ، جيڪا مستقبل ۾ سوين ارب ڊالرن تائين پھچڻ لاءِ سندرو ٻڌي رھي آھي، اھا مارڪيٽنگ پڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي. آن لائن سنڌي زبان سکڻ جا ڪورسَ، ٻارڙن لاءِ سنڌي الفابيٽ ۽ سنڌي نرالن آوازن سيکارڻ جون اپليڪيشنون، سنڌي ادب، تاريخ، لوڪ ڪھاڻين ۽ شاعريءَ تي مشتمل وڊيو ڪلاسز پڻ ٺاهي سگهجن ٿا. ڊيولنگو"Duolingo" جھڙيون اپليڪيشنون پاڻ واري سنڌي ٻوليءَ جھڙين ٻولين لاءِ ڪورس ٺاھي، تن کي آن لائين ڪري ڪروڙن ڊالرن جي مارڪيٽ ۾ حصيداري حاصل ڪري رهيون آهن. سنڌي ٻوليءَ لاءِ بہ اهڙي اپليڪيشن، جيڪا دنيا جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ سنڌي ۽ غير سنڌي ماڻهن کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا سان گڏ سنڌي لوڪ ڏاھپ بابت ڄاڻ ڦھلائي، آمدنيءَ جو هڪ نئون دروازو کولي سگهي ٿي.
اوھان پاڻ ڏسو تہ مصنوعي ذهانت جي ھن جناتي دنيا ۾ بہ انساني ٻولين جو واھپو ھڪ نئون ۽ نرالو لاڙو وٺي رهيو آهي. ڳالهائڻ وارا مشيني نائب (اسسٽنٽ)، چيٽ بوٽ، ڳالهاءَ کي خودڪار نموني سان لکت ۾ آڻڻ وارا مشيني سرشتا ۽ مشيني اکر شناسن جھڙيون اپليڪيشنون هاڻ مقامي ٻولين ۾ وڏي پئماني تي سامهون اچي رهيون آهن. هندستان ۾ ”ڪو“ نالي سوشل ميڊيا پليٽفارم، مقامي ٻولين ۾ ڪم ڪندي، عالمي سطح تي پنھنجو نالو ٺاهي ۽ ڪمائي رھيو آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ بہ انفرادي طور اسان جا سافٽ وئيرن جا انجنيئر مشيني نائب (اسسٽنٽ) ٺاهي، جيڪي سنڌيءَ ۾ ڏنل ھدايتن تي عمل ڪري سگهن يا پاڻ واري ڳالهائڻ کي لکڻ وارا خودڪار نظام تيار ڇو ڪونہ ٿا تيار ڪرن جيڪي ماڊل نہ رڳو ٽيڪنيڪل ترقيءَ جو مثال بڻجي سگهن ٿا، پر اقتصادي طور تي بہ عام استعمال ڪندڙن لاءِ پڻ وڏا فائدا حاصل ڪرڻ جا پليٽ فارم مھيا ڪري سگهن ٿا.
ھاڻي سائبر مارڪيٽنگ جي ميدان ۾ ”لوڪلائيزيشن“ (جنھن ۾ ڌارين ٻولين ۾ ٺھيل پليٽ فارم يا اپليڪيشنن جا ڏيک ترجمو ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ تيار ڪيا وڃن) اھا لوڪلائيزيشن انتهائي اهم بڻجي چڪي آهي. وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون، جھڙوڪ ڪوڪا ڪولا يا پيپسي، شيل ڪمپني يا دراز وغيرہ مقامي ٻولين ۾ اشتھار تيار ڪري، مقامي مارڪيٽن ۾ پنھنجي موجودگيءَ کي وڌائي رهيون آهن. سنڌي مارڪيٽ لاءِ پڻ اهڙا ئي ماڊل ٺھي سگهن ٿا، جن ۾ انهن ڪمپنين جا اشتھار سنڌيءَ ۾ تيار ٿي سگهن، جن ۾ ھتان جي ثقافت سان جڙيل مھمون هلن ۽ سماجي ميڊيا تي سنڌي زبان ۾ مارڪيٽنگ ڪري، نون گراهڪن تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي. ھن ريت نون تخليقي ماهرن، ترجمي ڪندڙن ۽ مارڪيٽنگ ايجنسين لاءِ بہ نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.
ثقافتي واپار جي حوالي سان بہ سنڌي ٻولي هڪ وڏي طاقت بڻجي سگهي ٿي. عالمي سطح تي ثقافتي شين جي گهرج تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اجرڪ، سنڌي ٽوپي، دستڪاريءَ واريون شيون، روايتي زيور ۽ ڪپڙا هاڻ آن لائن مارڪيٽن تي عام جام وڪامجي رهيا آهن. جيڪڏهن اهڙيون شيون خاص طور سنڌي برانڊنگ ڪري سامهون آنديون وڃن تہ مقامي ھنرمند، ڪاريگر ۽ نوجوان ڪاروباري ذھن رکندڙن لاءِ وڏي آمدنيءَ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. تصور ڪريو تہ هڪ اِي ڪامرس ويب سائيٽ ”سنڌي ڪرافٽس ڊاٽ ڪام“ جھڙي، عالمي سطح تي سنڌي ثقافت جي نمائندگي ڪري ۽ پوري دنيا مان آرڊر وٺي دراز يا چيني ڪمپنيءَ ”ٽيمو“ جيان پوري دنيا کي ھڪ نئون مارڪيٽ فراھم ڪري!
مٿين شين کان علاوہ ترجمن ۽ لوڪلائيزيشن جون خدمتون بہ هڪ ٻيو وڏو ميدان آهن، جتي سنڌي ٻولي کي معاشي طور تي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو. دنيا جون وڏيون ڪمپنيون پنھنجو مواد علائقائي ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي رهيون آهن، جنھن لاءِ لکين ڊالرن جا بجيٽ ھُنن اڳواٽ رکي ڇڏيا آھن. سنڌيءَ ۾ فلمون، ڊراما، دستاويزي فلمون ترجمو ڪرڻ، يا ايپس ۽ ويب سائيٽون سنڌيائي ڪري پنھنجون خدمتون پيش ڪري سگهجن ٿيون. هيءَ ترڪيب نہ رڳو ھتان جي مارڪيٽ لاءِ ضروري آهي پر عالمي سطح تي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي موجودگيءَ کي ظاھر ڪندي.
ھن ڏس ۾ ڊجيٽل آرڪائيوز جو خيال بہ انتهائي پختو خيال آهي. دنيا جا وڏا تعليمي ادارا پنھنجا ثقافتي خزانا ڊجيٽل ڪري عالمي رسائي لاءِ مھيا ڪري رهيا آهن، جھڙوڪ هارورڊ يونيورسٽيءَ جو "ڊيجيٽل سنسڪرت آرڪائيوز". ٺيڪ ان ئي ماڊل جو مثال سامهون رکي، سنڌي شاعري، لوڪ ادب، تاريخي دستاويزن، ۽ روايتي موسيقيءَ جا آرڪائيوز تيار ڪري، عالمي سبسڪرپشن ماڊل هيٺ فراهم ڪري سگهجن ٿا. اهڙي منصوبابندي ذريعي علمي ڪم بہ محفوظ ٿيندو ۽ مالي وسيلن جو بندوبست پڻ ممڪن ٿيندو.
ھن اھم اڳڀرائيءَ ۾ اسان جي صوبائي حڪومت وٽ ھاڻي ارڙهين ترميم جي شڪل ۾ ھڪ وڏو قانوني جواز موجود آھي. جنھن کي رڳو مشھوريءَ يا ڪريڊٽ بازيءَ کڻڻ بدران عملي طور ڪري ڏيکارڻ جي ضرورت آھي، اھا ”پيمرا“ کي زور رکي تہ سنڌ ۾ ڪوبہ اليڪٽرانڪ چئنل نہ ھلندو جيستائين ان ۾ ھڪ مخصوص انگ سنڌي اشتھارن جو نہ ٿو ھلي! جيڪڏھن ھن ھدايت تي عمل ٿي ويو تہ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھتي وڏو مارڪيٽ کلي سگهي ٿو.
مجموعي طور ڏسجي تہ سنڌي ٻولي هاڻ صرف ثقافتي سڃاڻپ تائين محدود رهڻ بدران، مارڪيٽنگ، ٽيڪنالاجي، آن لائن واپار ۽ علمي دنيا ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي سگهي ٿي. ھا اھو بلڪل درست آھي تہ هن قسم جي سوچ، جدت، مسلسل محنت ۽ صحيح حڪمت عمليءَ سان طئي ڪري سگهجي ٿو. جديد ٽيڪنالاجين جي ھن دور ۾ اسان وٽ اڄ ھي واھ جو موقعو آهي تہ پنھنجي ٻوليءَ کي عالمي سطح تي اقتصادي طاقت ۾ تبديل ڪريون، تہ جيئن اسان جي ثقافت ۽ تاريخ جو ھُڳاءُ پوري دنيا ۾ پکڙجي وڃي ۽ ساڳي وقت اسان جي نوجوان نسل لاءِ روزگارن ۽ ڪاروبارن جا انيڪ نوان رستا بہ کُلي سگهن.