سنڌي ٻولي قومي ٻولي - ڄام صنم سنڌي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ ھي ھڪ اھڙو نعرو آھي جيڪو سنڌ ڌرتيءَ تي رھندڙن جي اخلاقي، زميني، قومي ۽ قانوني حق ۾ شامل ٿئي ٿو ”سنڌي اباڻي ٻولي مٺڙي اباڻي ٻولي“ انھن لفظن ۾ جيڪا رس ۽ مٺاس ڀريل آھي اھا سنڌي ٻوليءَ جي لھجي، ڳالھائڻ واري انداز، تلفظ ۽ تھذيب سان ڀريل اکرن، لفظن ۽ جملن ۾ به ليئا پائيندي نظر ايندي آھي.

حياءُ ۽ حجاب سان ڀريل ھيءَ سنڌي ٻولي دنيا جي قديم، تھذيبي ۽ تاريخي ٻولي ھجڻ جو اعزاز رکي ٿي، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان مختلف تاريخي حوالا آھن جيئن 24 اپريل 1848 تي سنڌ ۾ سڄو ڪار وھنوار سنڌيءَ ۾ ھلائڻ، 7 جنوري 1850 تي سنڌيءَ کي دفتري، سرڪاري زبان بنائڻ، 6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌي نه ايندڙ کي يعني جنھن کي سنڌي ڳالھائڻ نه ايندي اھو مقامي ماڻھو ھجي يا برطانوي انگريز ان کي سرڪاري نوڪري نه ملڻ، 13 جولاءِ 1853 تي سنڌي رسم الخط کي لاڳو ڪرڻ، يا 29 آگسٽ 1857 تي انگريز سرڪار جي مقرر ڪيل ڪمشنر طرفان سنڌي ٻوليءَ کي باقاعده سرڪاري ٻولي جي حيثيت ڏيڻ وارا حڪم ناما جاري ڪيا ويا.

مٿيان سڀ حڪم ناما سنڌي ٻوليءَ جي اھميت کي اجاگر ڪندي انھيءَ ڳالھه جي ثبوت لاءِ ڪافي آھن ته ھر سرزمين تي ٻولي اھا ئي رائج ھوندي آھي جيڪا اتان جي رھواسين جي اصلي زبان/ٻولي ھوندي آھي انگريزن سنڌ ۾ سنڌي نه ايندڙ کي نوڪرين لاءِ Disqualified  نااھل قرار ڏنو ھو، اڄ سنڌي ٻوليءَ جو ڏھاڙو ته ڪونھي پر سنڌ ۾ سوين غير سنڌين ۽ غير مقامي ماڻھن کي نوڪريون ڪندي، ملڪيتون ۽ جائدادون ٺاھيندي، حڪم ھلائيندي ۽ حڪمرانيون ڪندي ڏسي مونکي شدت سان انگريز سرڪار جو نااھل قرار ڏيڻ وارو قانون ياد اچي رھيو آھي ڇو ته اسان سنڌين سنڌي ٻوليءَ لاءِ ايترو ڪم ناھي ڪيو جيترو انگريزن ھن مٺڙي ٻوليءَ کي مان، اھميت ۽ ھٿي ڏني.

اڄ سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن ۽ اھم عھدن تي ٻين ٻولين وارا طوطا ويھي اسان اصل ڌرتيءَ ڌڻين کي پٽيون پڙھائي رھيا آھن جن کي پنجاھ سالن ۾ ”ڃھ، ڄ ۽ ڏ“ چوڻ نه اچي سگھيو آھي اھي اڄ قديمي ٻوليءَ وارن جي وطن جي وحدت تي وار ڪري انھيءَ صوبي کي حصن ۾ ورھائڻ جون وايون ڪڍي رھيا آھن جيڪا ڌرتي آزادي ۽ خودمختياري جي حوالي سان ھزارين سالن کان رياست طور مشھور رھي آھي پر اھو چوندي افسوس ٿي رھيو آھي ته ان مثالي امن پرست ۽ ايجادن جي ڌرتيءَ جا وارث سنڌي اسين خود به پنھنجي ٻوليءَ کي اھميت ڏيڻ وساري چڪا آھيون، جڏھن قوم پنھنجي تھذيب، ثقافت، تمدن، روايتن ۽ ٻوليءَ کي وسارڻ لڳي ته پوءِ ڌرتي غيرن جي اک ۾ ايندي ۽ داءَ تي لڳندي دير ناھي ٿيندي ڇو ته تھذيب، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي قوم کي جوڙي رکڻ ۽ متحد ڪرڻ ۾ زنجير جو ڪردار ادا ڪندي آھي، اسان جي سنڌين جي اڪثريت پڙھائيءَ جو بھانو بنائي اردو ۽ انگريزيءَ کي اوليت ڏيندي ٿي رھي، عالمي ٻوليون سکڻ ڪو ڏوھ ناھي پر پنھنجي ٻوليءَ کي وسارڻ يا بگاڙڻ ڏوھ ضرور آھي، ٻين ٻولين کي ڀلي سکجي پر ضرورت سمجھي جڏھن ته اباڻي يا مادري ٻولي ضرورت ناھي ھوندي بلڪه اھا بقا جو سبب، سڃاڻ ۽ جيئڻ جو محرڪ ھوندي آھي، سڃاڻپ جو سرچشمو ھوندي آھي وڏن شھرن ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو لھجو ۽ تلفظ ٻڌي:

”الا ايئن مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙھجي،

ته ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!

واري المناڪ سوچ ۽ درد ورائي ايندو آھي، اڪثر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ته سعيو ڪري ٻوليءَ کي بگاڙڻ واري اسٽائيل کي فيشن سمجھي اھڙي انداز سان ڳالھائيندي نظر ايندا جو ڀٽائيءَ جي ٻولي پار ڪڍي روئيندي ھوندي جنھن کي ڏسي ايندڙ نسل جا ننڍڙا ٻار به انھي ٻوليءَ جي خار واري رواج کي اپنائي رھيا آھن.

جيڪڏھن پنھنجي ٻوليءَ ڏانھن اسان جي اھا ئي بي توجھي رھي ته ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ فقط نعرن تائين ئي محدود رھجي ويندي ٻولي رڳو اسيمبليءَ مان بلن پاس ٿيڻ سان امر ناھي ٿيندي بلڪه انھن تي عمل ڪرائڻ، اسيمبليءَ جي ڪاروائي سنڌيءَ ۾ ھلائڻ، گھڻيون اخبارون ۽ چينل پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪڍڻ، تاريخي ماڳن، روڊن، رستن، سرڪاري عمارتن ۽ ھر سائن بورڊن، گھر جي سڃاڻ تختين (Name Plates)  کي سنڌيءَ ۾ لکڻ، سرڪاري لک پڙھ سنڌيءَ ۾ ڪرڻ، تعليم سنڌيءَ ۾ ھجڻ، سنڌي لکڻ، پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ لازمي قرار ڏيڻ، گھرن ۾ نج سنڌي ڳالھائي ننڍڙن ٻارن کي پنھنجي ٻولي لازمي سيکارڻ ڇو ته ان سان سنڌي ٻوليءَ جو بنياد مضبوط ٿيندو، ڏيتي ليتي، خريد ۽ وڪري، دڪانداري يا واپار مھل پنھنجي ٻوليءَ جو استعمال اوس ڪرڻ سان اسين سنڌي ٻوليءَ کي صدين جي جلا بخشي جيئاري ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جو درجو ڏياري سگھون ٿا ڇو ته ھينئر سنڌ لاءِ جيترا واڳون ۽ ويري نظر اچي رھيا آھن ته وقت ۽ حالتون اسان کان اھا ئي تقاضا ڪري رھيا آھن ته اسين پنھنجي ٻوليءَ کي رڳو پڌر نامن، حڪم نامن ۽ ڪاغذي اعلانن تائين قيد نه رکون بلڪه اباڻي ٻوليءَ کي اولين درجو ڏئي ھر گھر، گھٽي، آفيس، عمارت، وات ۽ وائيءَ جي زينت بنائي سنڌ امڙ جو حق ادا ڪندي ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جي عملي ۽ حقيقي گونج کي ٻيھر جياريون.

 

Copyright @2024 Sindhu Script. All Rights Reserved by Sindhi Language Authority

Powered by Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering