جديت پڄاڻان دور ۾ سنڌي ٻولي جا مسئلا
جديت پڄاڻان دور ۾ سنڌي ٻولي جا مسئلا ڊاڪٽر غفور ميمڻ هر شيءِ جو پنهنجو زمان و مڪان آهي،جيڪا شيءِ مادي طور وجود ۾ اچي ٿي ان کي بقا ۽ فنا جي ويڙهه وڙهڻي آهي. واحد انسان آهي جنهن بقا جي جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ گوهي کڻي ورتي آهي. انسان سان گڏ سندس ٻولي به لاڳاپيل آهي. انسان آهي ته ٻولي به رهندي ۽ ٻولي آهي ته ثقافت، قد، رسم رواج، طو طريقا به موجود رهندا. هونءَ ته ٻولي پاڻ مرادو اختيار ڪيل علامتن جي تنظيم آهي پر سندس بنيادي ڪارج لڳ لاڳاپو جاري رهڻ آهي. ڪن يورپي ڏاھن جو خيال آهي تہ ٻولي مڪمل اظهار جو ذريعو ناهي. انسان جي سڀني جذبن جو اظهار ٻولي نٿي ڪري يا وري علامتن تحت اسان سمجهه رکي قبول ڪريون ٿا. مثال: مون کي آئسڪريم وڻي ٿي. ٻيو جملو: مون کي امان وڻي ٿي. ٽيون جملو: مونکي بهار جي موسم وڻي ٿي. هنن جملن ۾ آئسڪريم امان، بهار جي موسم ۾ ڪا به مشابهت ناهي ته وڻڻ ۾ مشابهت ڇو آهي. معنيٰ لفظ وڻڻ اسان ٽنهي ۾ الڳ الڳ ڪارج طور علامتي سمجهون ٿا. ٻيو نظريو ڀڃ گهڙ جو آهي ته ڪو به جملو مڪمل معنيٰ نٿو ڏي. بلڪ جيترو ڳالهايو وڃي ٿو اوترو ان ۾ لڪل جملا پڌرا ٿيو پون. مثلاَ: انب مٺو ميوو آهي. هاڻي لڪل جملا آهي ته ٻيا ميوا کٽا آهن. مثال: مومن جنهن ڏينهن گناهه نه ڪري اهو ڏينهن سندس عيد جو ڏينهن آهي. ته ڇا محرم جي ڏهين تاريخ گناهه نه ڪري ته اهو ڏينهن به عيد جو هوندو ڇا؟ جيڪي دريدا انهي تي ڪيتريون ڳالهيون ظاهر ڪندي ماڻهن جي ڳالهايل جملن پٺيان وڏي لڪل مسخري کي ظاهر ڪري ٿو. پر تنهن هوندي به ٻولي پياري آهي جيجل جي هنج ۾ ڏنل لولي تي ڪير بچائڻ نه چاهيندو جڏهن شيڪسپيئر چوي ٿو ته مون کي پنهنجي قوم جي غدارن سان به عشق آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي مٺڙن ٻولن سان ته محبت هئڻ گهرجي. هاڻي هر دور جي پاڻ بچائڻ جا پنهنجا ذريعا ۽ طريقا آهن. مثال پٿر جي جي دور ۾ زندگي وڙهي جيئڻ جو مقام هن جاگيرداري ۾ زندگي فطرت سان جڙي رهڻ ۾ بقا هئي سرمائيداري ۾ مقابلي بازي ۾ مقابلي ڪري پاڻ بچائڻو هو. سوشلزم ۾ پورهئي ۾ بقا هئي. جديد پڄاڻان دور ۾ ڇو Hyper reality جو دور آهي تنهن ڪري بقا به نقلي ۽ حقيقت کان مٿانهان تصورن اڀارڻ ۾ آهي. مثال پاڻ کي مارڪيٽ ۾ مکي چکي وکر بنائي اڀارڻو آهي. توهان ميڊيا ذريعي تصور پيدا ڪريو جي اهو مشهور ٿي ويو ته توهان قبول ٿي ويا. ڇو ته جديديت پڄاڻان اڻ ڇهندڙ (Intangible) دور آهي. مثال: ڊجيٽل ڊيٽا، آن لائن بئنڪنڪ، فائلن ۽ ملڪيت، ٽيڪسٽ مئسيج ۽ اڳتي هلي هوا ۾ لکيو ويندو ڪرنسي ختم ٿي ويندي ڪاغذ جو ڪارج ختم ٿي ويندو Hyper reality ۽ Intangibility جو پاڻ گهاٽو لاڳاپو آهي. تنهن ڪري حقيقت جي بجاءِ تصور حقيقت جي جڳهه وٺندا. هاڻي اچون ٿا ٻولي جي بقا تي. هر قوم هن وقت پنهنجي ٻولي کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ رڌل آهي. ڇو ته گلوبل دنيا وڏا چئلينج کڻي آئي آهي. مسئلن جا حال ساڳيا ناهن پر بدلجي چڪا آهن. ڇو ته سڄي دنيا پاڻ ۾ ڳنڍجي چڪي آهي. قوم، ذات، ملڪ ۽ مذهب جي ويڇن کان بغير ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطو آهي هڪ ٻئي سان اظهارين ٿا تنهن ڪري مقامي ٻولين جي بجاءِ گلوبل دنيا جي ٻولي، هڪ ٿي رهي آهي. خاص طور سان مارڪيٽ ۽ واپار جي ٻولي مرڪزي شڪل ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. جنهن ڪري خالص ٻولين جو دور ختم ٿي ويو آهي. خود انگريزي به خالص ۽ فامولائيز نه رهي آهي، اچارن ۾ فراق گرامر ۾ فرق لفظن ۾ فرق ۽ لکت جي طريقي ڪار ۾ به فرق اچي ويو آهي. هن دور جو وڏي ۾ وڏو چئلينج آهي ته ٻولي انٽرنيٽ تي ڊجيٽلائيز ٿئي تنهن ڪري ڪيترن ڪمپيوٽنگ لنگئسٽڪ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت ٻولي کي نه پراڻا ماهر بچائيندا نه مارڪيٽ بچائيندي نه اسيمبليون بچائينديون بلڪ ٻولي کي سافٽ ويئر انجنيئر بچائيندا جنهن جو مثال اسان ڏٺو ته ماجد ڀرڳڙي جيڪڏهن MB Sindhi نه ٺاهي ها ته اسان ڪيترو پوئتي هجون ها. بلڪل اهڙي طرح آن لائن ڊڪشنريون، آن لائن لپي جي تبديلي، آن لائن گرامر، ٻولي کي وڏي هٿي ڏي ٿي. هن وقت سنڌي ٻولي به انهيءَ ڊوڙ ۾ شامل ٿي تيزي سان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي اچي رهي آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ٻوليءَ کي پرائمري اسڪول بچائيندو جيڪڏهن ٻار کي بنيادي سنڌي جي سکيا نه هوندي ته پوءِ ڪمپيوٽر تي ڪير لکندو؟ ڪير سنڌي سافٽ ويئر استعمال ڪندو. مثال امريڪا ۾ سنڌي ٻار انگريزي پڙهندا آهن. انهن لاءِ سنڌي ڀلي ڪمپيوٽر تي ڪيتري به ترقي ڪري پر ڪو فاعدو ناهي. تنهن ڪري صرف ڪمپيوٽر تي سنڌي ترقي ڪندي اهو خيال ڪمپيوٽر جي ماهرن کي روزگار ته ڏئي سگهي ٿو پر عوام کي ڪجهه نه ڏيندو. تنهن ڪري پرائمري اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ انتهائي ضروري آهي ٻار کي سنڌي لکڻ پڙهڻ ته اچي پوءِ ٻيا سانگ ......... اسان جا ڪيترا عالم انهيءَ بحث کي ڇيڙي چڪا آهن ته ٻولي ڪيئن بچائجي؟ جن ۾ هڪ عام بحث اهوآهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لپي هي رسم الخط کي تبديل ڪيو وڃي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اسان کي رومن لپي رائج ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان ڪمپيوٽر تي آساني سان لکي سگهون. خود موبائل تي پيغام کي گهڻا نوجوان اردو رومن ۾ لکن ٿا. ڇو ته هنن کي سنڌي رومن ۾ لکڻ ڏکيو لڳي ٿو. تنهن ڪري رومن لپي ۾ سنڌي آڻڻ سان نه صرف ڪمپيوٽر تي اسان آساني ماڻينداسين بلڪ يورپ جي سڀني ٻولين جي ويجهو ٿي وينداسين. ٻيو بحث اهوآهي ته سنڌي ۾ جيڪي عربي جا اهي آواز جيڪي سنڌي ماڻهو اچاري نٿو سگهي اهي آئيويٽا مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي مثال: ث، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ق وغيره.ڇو ته ان جا نعم البدل آواز اسان وٽ موجود آهن. س، ت، ز، ا، گ، ڪ جنهن تي تازو ڊاڪٽر فهميده حسين بحث ڪندي چيوهو ته ڀلا صبر کي سبر يا غرور کي گرور لکڻ ۾ حرج ڪهڙو آهي. مئڊم ڊاڪٽر فهميده حسين هڪ عالم مدبر ۽ ٻولي جي ماهر آهي پر عام جذباتي ماڻهو سندس ڳالهه نه سمجهي سگهيا. ٽيون بحث اهو به آهي ته سنڌي ٻولي جي لپي ديوناگري ۾ هئڻ گهرجي. جيئن اسان هندستان جي ٻين ٻولين جي قريب ٿيون يا وري هندوستان ۾ رهندڙ سنڌين سان وڌيڪ جڙي سگهون جيڪي تيزي سان ديوناگري لپي ۾ لکي رهيا آهن. چوٿون بحث اهو آهي ته ٻولي تي لپي جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪريو جيئن آهي تيئن رهڻ ڏيو ڪمپيوٽر تي ماهرن اهو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اسان انهن مسئلن تي تجزيو ڪنداسين ته آخر ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو؟ پهرين ڳالهه ته عربي مان رومن لپي ۾ تبديلي جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا. اسان جا 1853ع کان ڇپيل ڪتاب ۽ ان کان اڳ موجود قلمي نسخا سڀ جا سڀ عربي رسم الخط ۾ لکيل آهن. يعني اسان جي تاريخ، علم، ثقافت، ادب سڀ انهن ۾ سمايل آهي. جڏهن اسان رومن لپي رائج ڪنداسين ته ان وقت کان ايندڙ نسل صرف رومن لپي ۾ لکيل سنڌي سمجهندو. نتيجي طور اسان جا لکين ڪتاب ضايع ٿي ويندا. ايندڙ نسل نه پڙهي سگهندو. ڪمپيوٽر جا ماهر اهو به چون ٿا ته اهڙو سافٽ ويئر اچي چڪو آهي جيڪو هڪ لپي کي ٻي لپي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. پر پوءِ به سخت ڪاپي ۾ آڻڻ لاءِ ڪيترو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو. اهو بحث شروع ٿيندو. ته پهريان ڪهڙا اهم ڪتاب تبديل ڪري رومن ۾ آڻجن. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن عربي لپي جي ايترو پريشاني جو بحث بنجي سگهي ٿي ته پوءِ خود عربستان وارن کي پريشان ٿيڻ گهرجي پر عربن ۾ اهڙو ڪو به بحث هلندڙ ناهي. ٻيو بحث آهي ته جيڪي آواز سنڌي ۾ ناهن اهي ڪڍي ڇڏجن. انهي سلسلي ۾ هڪ وڏي بحث ۽ ماهرن جي راءِ جي ضرورت آهي. انهي سلسلي ۾ سحر گل ڀٽي صاحبه ٻڌايو ته جاويد ڀٽي صاحب جو چوڻ آهي ته اسان جي موجوده آئيويٽا کي بدلائڻ جي ضرورت ناهي هڪ ته اهي اکر ۽ لفظ ٻولي جو ورثو آهن اسان کي پنهنجي تاريخي ورثي تان هٿ نه کڻڻ گهرجي ٻي اهم ڳالهه ته انهيءَ سان لفظ جي خاندان ۽ بنياد جي خبر پوي ٿي. ٻيو موقف آهي ته هي معاملو نازڪ آهي خود مذهبي ماڻهو انهيءَ جي مخالفت ڪندا. ڇو ته هو ”غفور“ کي ”گفور“ لکڻ پسند نه ڪندا. يا ”قرآن“ کي ”ڪران“ نٿو لکي سگهجي. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جيترا صوتيا هوندا آهن انهن کان وڌيڪ آواز هوندا آهن پر سنڌي ۾ ڪجهه صوتيا اهڙا آهن جن جا آواز اناهن. جن ۾ ض، خ، ق، ث وغيره اهم آهن. ڊاڪٽر فهميده حسين جو موقف آهي ته اهي آواز استاد ننڍي هوندي کان ٻارن کي پڙهائي پڪا ڪرائڻ ته اهو مسئلو حل ٿي ويندو. خاص طور سان لاڙ ۾ مدرسن ۾ ۽ اسڪولن ۾ ٻارن کي اهڙا اچار پڙهايا ويندا هئا. لاڙڪاڻي ۾ ”ڇ“ جي صوتيي جا ٻه آواز آهن. هڪ ڇ ٻيو ش ڪير مڃي نٿو چوي مشي چوي ٿو ته اسان انهي کي مڇي ئي سمجهنداسين. مثال: Till جو اچار انگريزن ۾ ٺل ٿيندو. پر ڪو غيرانگريز ٽل چوندو ته انگريز انهيءَ کي ٺل ئي سمجهندو. اچارن جو مسئلو هر ٻولي ۾ موجود آهي. جاپاني ٻولي ۾ ”هه“ جي صوتيي جا ڇهه آواز آهن. منهنجي انهي سلسلي ۾ راءِ آهي ته انهي سلسلي ۾ ٻولي جي ماهرن جي ڪاميٽي مقرر ڪري انهي مسئلي تي ماهرانه راءِ ورتي وڃي. ٽيون بحث اهو به آهي ته سنڌي ٻولي جي لپي ديوناگري ۾ هئڻ گهرجي. انهي سلسلي ۾ هندسان جي گهڻن سنڌين پنهنجا ڪتاب ديوناگري ۾ لکيا آهن. جيڪي سنڌ ۾ عام ماڻهو نٿو پڙهي سگهي. اسان جيڪڏهن ديوناگري ۾ لپي تبديل ڪنداسين تڏهن به ساڳي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. مسئلا هر دور ۾ پيدا ٿيندا آهن پر انهن جو حل هر دور ۾ نئون هوندو آهي. لپيءَ کان وڌيڪ مسئلو صورتخطي جو آهي سنڌي ۾ ڪيترا لفظ لکڻ جو معيار مقرر نه ٿيو آهي. مثال. ڀيدا يا بيضا، ساءِ – يا سائين، تواريخ يا تاريخ، اقصيٰ يا اقصا. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سابقه چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين انهيءَ تي هڪ عالمانه بحث ڪرايو هو پر اها صورتخطي جي ترجيح شڪل اڃا رائج نه ٿي سگهي آهي. جنهن لاءِ پڻ ڪوششون وٺي صورتخطي رائج ڪرائڻ جي ضرورت آهي. جديديت پڄاڻان دور جا نوان چئلينج آهن. ٻولي جي اهم مسئلن ۾ هڪ مسئلو اهو آهي ته سنڌي انٽرنيٽ تي پنهنجي جڳهه ٺاهي اهڙا سافٽ ويئر ايجاد ٿين جو آساني سان مڙني مسئلن کي حل ڪري وٺجي.