ٻولي، خدا جي امانت آھي - امر فياض ٻرڙو

ٻولي، خدا جي امانت آھي

 
 
ٻولي، خدا جي امانت آھي
 

 جڏھن مان ڄائو ھئس، ان کان ٺيڪ ھڪ سال پوءِ يعني 1968ع ۾ سئٽزرلينڊ جي ھڪ مٿي ڦريي محقق نالي ايرڪ وان ڊينيڪِن جو ڪتاب “خدائن جون بَگِيون” (Chariots of the Gods)  شايع ٿيو ھئو، جنھن ۾ ھن صاحب دنيا گهمي ڦري ڏسي وائسي اھا ڳالهه رکي ھئي ته ھزارين سال اڳ انسانن سان آسماني ھستين جو رابطو ھوندو ھئو، جيڪي انسانن کي رھڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان ويندي وڏيون ترقيون ڪرڻ جا گر سمجهائيندا ھئا. نه ڇڙو ايترو پر ھنن ئي انسان جي دماغ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا اھي ڏس ٻڌائي ڇڏيا ھئا، جن کي سمجهڻ ۾ ئي انسانن جي پيڙهين کي ھزارين سال لڳا ۽ ھي جيڪو اڄ جو انسان اوھان کي آسمان طرف پنھنجون ديدون کپائيندي نظر اچي ٿو ۽ جيڪو چنڊ ۽ مريخ کان ويندي سج تائين پھچڻ چاھي ٿو، اصل ۾ ھو ھزارين سال اڳ جي انهن رھنمائن طرف وڌڻ پيو چاھي.

                 توڙي جو ايرڪ وان جو تعلق رومن ڪيٿولڪ خاندان سان ھئو پر ھو جوان ٿيندي ئي مذھب کان وٿيرڪو ٿي آسمانن جي پولارن مان اڄاتي مخلوقن جا معما حل ڪرڻ ۾ لڳي ويو ھئو. ھو لادين ھوندي به روحانيت جي ھڪ اھڙي پيچري تي ڪاھي پيو، جيڪو مڪمل طور سڀني روايتي سلسلن کان مختلف مليو. ھن اڳتي چيو پئي ته انسان کي آسماني خدائن جيڪا وڏي ۾ وڏي اٽڪل سمجهائي، اھا اصل ۾ “ٻولي” ئي آھي، جنھن جي ملڻ کان پوءِ انسان انتھائي تيز رفتاريءَ سان ترقي ڪندو اڄ ھن منزل تائين پھتو آھي. ايرڪ وان جيان اڄوڪي دنيا جي ھڪ برجستي ڄاڻو “يووال ھراري” پڻ جھڙوڪ ساڳي ئي ڳالهه ورجائيندي چيو ته: “پوري  دنيا ۾ اسان  (انسان) ئي واحد مخلوق آھيون، جن کي ٻولي ڳالهائڻ جي صلاحيت آھي. ان ٻوليءَ ڳالهائڻ جي ڪري نه رڳو شين کي بيان ڪري سگهون ٿا، جن کي اسين ڏسي، چَکي ۽ ڇُھي سگهون ٿا، پر انهن شين جي باري ۾ به ان ٻوليءَ آڌار ڪھاڻيون ٺاھي سگهون ٿا، جيڪي اسان جي آسپاس موجود ئي ناھن.“

ھاڻي پرتي نه وڃجي، ھتي پاڻ وٽ ئي پاڪ ڪتاب پڙھندي سورہ الرحمٰن جي پھرين ئي چئن آيتن کي جڏھن ورد ڪجي ته فڪر جا نوان دڳ کوليندڙ ھڪ پتو ملي ٿو: “رحمان، جنھن قرآن جو علم ڏنو. جنھن انسان کي ٺاھي کيس ٻولي سيکاري…” ٿي سگهي ٿو جڏھن اسين مٿين آيتن جو دؤر ڪندا آھيون، تڏھن ان جي جوھر ۽ گھرائيءَ کي نه سمجهي سگهندا آھيون، جيئن عام طور اسان سڀني سان ٿيندو رھندو آھي. پر غور ۽ فڪر ڪرڻ سان اسان ان ڳجهارت جي انت کي پڪڙي سگهون ٿا ته انسان جي تخليق کان پوءِ الله پاران انسان کي جيڪا تمام وڏي نعمت عطا ٿيل آھي، اھا اسان جي ڳالهائي ويندڙ ٻولي ئي آھي.

ٻولي، جيڪا اسان جي جيو گهرڙن ۾ ھزارين سالن تي ڦھليل اسان جي وڏڙن جي مشاھدن ۽ تجربن کي بيان ڪرڻ جو وسيلو آھي، اھا ٻولي جنھن جي ڪُک ۾ پوري دنيا جي اربين کربين ماڻهن جي  لوڪ ڏاھپ ڀري پئي آھي، جنھن جي ھڪ ھڪ اچار ۾ اسان جي وڏڙن پنھنجي مشاھدن ۽ سوچن کان محسوسات تائين جا تصور چٽا ڪري اسان کي ٻڌايا آھن. اچارن جي پويان تصور نمايان ٿيڻ واري ڳالهه ممڪن آھي اسان کي تڪڙي سمجهه ۾ نه اچي پر جيڪڏھن پاڻ روزمرہ استعمال ٿيندڙ ٻولن تي غور ڪنداسين ته پاڻ کي ھڪ عجيب ڳالهه ملندي. جيئن، ائين ڇو ٿو ٿئي ته الف سان شروع ٿيندڙ گهڻو ڪري ٻول صفتن جي ابت ٻڌائيندا آھن، “ڏ” سان شروع ٿيندڙ ٻول ڏنگا ۽ ڏاڍا ٿين ته “ڪ” سان شروع ٿيندڙ ٻول ڪنا ۽ ڪوجها! “س” سان شروع ٿيندڙ ٻول گهڻو ڪري سھڻا ۽ سيبتا ته وري “م” سان شروع ٿيندڙ مٺا، مڌر ۽ مادري ٻول ملن ۽ “ن” سان شروع ٿيندڙ ٻول نفيءَ وارا ملندا آھن.

في الحال ته پاڻ کي مٿين عجب سان ڀريل فارمولي کي سمجهڻ تي ئي جام وقت لڳندو، ڇو ته اھو لکندي مون کي ڪوبه عار محسوس نه ٿو ٿئي ته ھنن فارمولن تي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا ڪو خاطر خواھ حقيقي ڪم ٿيو ئي ناھي. جيڪڏھن ڪٿي ڪو ھلڪو ڦلڪو ملي به ٿو، جيئن سائين سراج صاحب يا ڊاڪٽر محبت ٻرڙي صاحب جو ڪم ته ان کي اڃا کولڻ يا وڌيڪ سمجهڻ تي اسان جي يونيورسٽين کي، لڳي ائين ٿو ته ڪيئي ورھيه لڳندا.

ٿورو غور ڪري ڏسجي ته اھا ٻولي ئي آھي، جيڪا پنھنجي ٻولن جي اچارن اندر تاريخ جا اھي لقاءَ سانڍي ھلي ٿي، جو ڇڙو ان تي ئي سوچجي ته ھوند اچرج ۾ اچي وڃجي! ڀلا اھو چوڻ ۾ ڇا آھي ته ھتي موھن جي دڙي وارن جي ٻوليءَ جون نشانيون نه ئي خالي ناھن ڀڃي سگهيون، پر ڇا اھا ويڌن گهٽ آھي ته اسان مسلسل جيڪو ڪجهه ڳالهائيندا رھون ٿا ۽ جيڪو ڪجهہ ٻڌون پيا ته ڇا اھي روزمرھ وارا ٻول ۽ تن جا تصور اسان ڀڃي سگهيا آھيون؟ سادي ڳالهه اھا آھي ته جيڪڏھن اسان سمجهي سگهون ھا ته ھوند سماج ۾ ھِي ڪِيس، انياءَ ۽ ھڪٻئي مٿان ارھ زورائي ٿوروئي ٿئي ھا! اسان وٽ ته ان مام کي به سمجهڻ ۾، لڳي ائين ٿو ته اڃا تمام گهڻي دير لڳندي. جيئن پوري دنيا ۾ اربين کربين انسانن جي رت جا اصل ۾ ڪُل اٺ ئي گروپ ملن ٿا، تيئن ئي پوري دنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ ھزارين ٻولين جا به ڪي ڏھ ٻارھن ئي ڪٽنب طئي ڪيل آھن. پوءِ ڀلي اھي ھڪٻئي کان ھزارين ڪوھ پري ڇونه ھجن، پر انساني تھذيب جي ھزارين سالن جي سفر ۾ رھڻ ۽ ساڳي انگ جي ميلن واريءَ وٿيءَ جي ڪري تن جا ٻول ۽ اچار ڪافي مٽجي سٽجي وڃڻ جي باوجود به اھي پنھنجي جوھر ۾ ھڪڙي ئي بڻياد تي جڙيل آھن. بلڪل ائين جيئن لطيف چيو ھئو ته:

پَڙاڏو سو سڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،

ھُئا اَڳھين گڏُ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿِئا!

ھتي مون کي مقدس بائبل جي “جينيسز” باب ۾ آيل اھا ڳالهه دماغ ۾ ھُري پئي آھي، جنھن ۾ اھو آيل آھي ته: “اوھان جون سڀيئي ٻوليون اصل ۾ ھڪ ئي ٻوليءَ جي ڪُک مان نسريون آھن، جيڪا خداوند جي عطا ڪيل يعني حقيقي فطرت جي ٻولي آھي”. ھاڻي جيستائين پاڻ ٻولين جي اندر روحاني رازن کي پرکيون، تيستائين ھڪ ڳالهه ته عالم آشڪار آھي ته ٻولين جي ٻولن جو ڇڙو اچار ئي نه پر سندن روح به ٿيندو آھي، جنھن جي ئي ڪري انهن سان، اسان جا احساس، اسان جو ادراڪ، اسان جي خوشي يا غمي سڀ جو سڀ سڌو اثر ۾ اچن ٿا.

الائي ڇو مون کي اھو پڻ محسوس ٿيندو آھي ته ٻوليءَ جي ٻولن جون ھي لکتون، ھي گرامر، ھي ٻولين جا ابجد ته بس ڇڙيون ڪاڳري جدولون آھن، جيڪي توھان اسان لاءِ بس مددگار اوزار جيان آھن. ياد اچيم پيو، اھو 1997ع سال ھئو، جو مون کي آسٽرين ريلويز جي ھڪ انجنيئر شايد نالو والٽرز ھئس، تنھن پئي چيو: “مسٽر امر! اسان وٽ ڊچ ٻوليءَ ۾ ھڪ چوڻي آھي ته، اوھان جي معززپڻي جي شاھدي اوھان جي ڳالهايل ٻولي ڏيندي آھي”، ان مھل مون کي مولا علي عليہ السلام جو اھو قول شدت سان ياد آيو ھئو ته: “انسان جي جھالت ۽ ڏاھپ جو پئمانو ان جي ڳالهايل ٻولن ۾ ئي ملندو آھي.“

يعني اسان جي زبان مان نڪتل ٻولي اسان جي ڪل شخصيت جي عڪاسي ڪندي آھي؛ ته ڀلا ڪٿي ائين ته ناھي ته ھڪ معزز اھو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو اچاري ويندڙ ٻوليءَ کي مان ڏئي ڳالهائي ٿو ۽ ان جي ابتڙ وري جيڪو ٻوليءَ کي بگاڙي ۽ بغير مان مرتبي جي ڳالهائي ٿو، تنھن مٿان فطرت جو اھو ئي پاراتو کتل آھي ته ھن جي ٻولي اگري ۽ بگڙيل ملي ٿي!

سو ھڪ پل لاءِ ٻولين بابت رواجي تصورن کي ھٽائي روحاني طور ئي ٻوليءَ کي ڏسون ته ڇا واقعي ائين نه ٿو لڳي ته اسان جي ٻولي خدا پاران اسان سڀني کي ھڪ امانت جيان ئي ملي آھي ته پاڻ ۽ جانورن ۾ ھڪ اھو ئي ته فرق ٿيل آھي ته پاڻ ناطق جيوَ آھيون، اھڙا جيوَ جيڪي خدا جي امانت کي ساڻ کڻي پيا ھلون ته جيئن اھا امانت ايندڙ پيڙهين تائين بھترين امين جيان پھچايون ۽ جيڪڏھن اھا امانت قرض سمجهي نه ٿا پھچايون ته پاڻ خيانتي ٿي پنھنجي شناخت ئي وڃائي بس خالي حيوان ئي رھجي وينداسين!  ڇوته ھيءَ ٻولي جيڪا پاڻ سڀ ڳالهايون پيا، اھا ڇڙو رابطي جو وسيلو ئي نه آھي پر خدا جي عطا ئي ته آھي!

ڇا اھو دليل ئي ڪافي ناھي ته ھزارين سالن جي تاريخ ۾ جنھن جنھن ماڻهوءَ جي ٻولي سھڻي، سيبتي ۽ محبتن جي ساکي ٿيندي آھي، تنھن کي پورو لوڪ پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندو پيو اچي، پر جيڪڏھن ڪو ٻوليءَ کي ڪمتر يا بدسلوڪيءَ سان ٻولي ٿو، سو ھر ھنڌ ۽ ھر وقت رسوا ئي ٿيندو رھي ٿو. ڀلا ڇو؟ ڇو ته ھو خدا جو خيانتي جو ھوندو آھي!

contact@amarfayaz.com

Copyright @2024 Sindhi Language Library. All Rights Reserved by Sindhi Language Authority

Powered by Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering