سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم ۽ اسان جون ذميواريون
سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جو آغاز : سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان سنڌي ٻولي جي وجود اھميت افاديت بقا ۽ واڌ ويجھھ جي حوالي سان ھن سال“سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم” جو آغاز ڪيو ويو آھي. جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ ڪجھھ ڏينھن اڳحيدرآباد ۾ٻولي جي بااختيار اداري پاران ھڪ افتتاحي تقريب ۾ اديبن دانشورن طرفان ڪافي ڳالھيون سامھون آيون آھن،سوچڻ جي ضرورت آھي ته ٻولي جي ترقي واڌاري لاءِ ڇا ٿيڻ گھرجي ۽ٻولي جي واڌ يجھھ لاءِ اسان جي سول سوسائٽي اديبن دانشورن جو ڪردار ڪھڙو ھئڻ گھرجي ۽ سنڌ جي پڙھيل لکيل طبقي ۽ نوجوانن جون ذميواريون ڪھڙيون ھئڻ گھرجن. انھي تقريب ۾ اھم ڳالھھ اھا پڻ سامھون آئي آھي ته نئين نسل تائين سنڌي ٻولي کي وڏي سطح تي ڪيئن ٿامتعارف ڪرائي سگھو ن؟ نئون نسل ٻولي جي اھميت افاديت کان ڪيئن ٿو واقف ٿي سگھي ۽ اسان جي سوسائٽي ٻولي جي واڌ ويجھھ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي؟ ھن تقريب ۾ جتي ڪارائتيون ڳالھيون ڪيون ويون انھي ۾ اھا ڳالھھ پڻ ڪئي وئي سنڌي ٻولي جي سماجي واھپي کي وڌائڻ لاءِ سماجي رويا مٽائڻا پوندا. سنڌ جي مختلف شھرن م جڏھن به سنڌي ٻولي متعلق سيمينار ٿيندا آھن ته انھن ۾ ھميشه اھي ڳالھيون ٿينديون رھيون آھن ۽ سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڪاروھنوار ھلائڻ ۽ سنڌي ٻولي کي تعليمي ادارن ۾ لازمي طور پڙھائڻ جا مطالبا ٿيندا رھندا آھن پر بنيادي ڳالھھ اھا آھي ته اسان عملي طور تي سنڌي ٻولي جي ترقي واڌ ويجھھ لاءِ ڪجھھ رھيا آھيون يا اھي ڳالھيون صرف ڊرائنگ روم تائين محدود آھن ؟سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم ھڪ سٺوعمل آھي پر اھم سوال اھو پڻ آھي ته سوسائٽي ۾ ٻولي جي حوالي سان awareness ڪيئن پيدا ڪري سگھجي ٿي ٻولي جي ترقي واڌاري لاءِ سنڌ جو شعور ڪيئن ٿو پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھي. جيتري قدر ڳالھھ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي پڙھائڻ واريآھي ته سرڪار طرفان اھڙا فيصلا اڳ ۾ ٿيندا رھيا آھن. گذريل سال پڻ تعليم کاتي سنڌ پاران سنڌ جي سمورن سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي طور لاڳو ڪرڻ وارو فيصلو ڪيو ويو ھو. تعليم کاتي پاران سنڌي زبان ذريعي ھم آھنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي طور تي پڙھائڻ جو پابند بنائڻ ۽ خانگي تعليمي ادارن جي نئين سر رجسٽريشن ڪرڻ جا اھم فيصلا ڪيا ويا ھئا. جيتوڻيڪ انھي وقت سنڌ جي تعليم کاتي جي اھڙن فيصلن جي سنڌ جي ساڃاھھ وند ڌرين آجيان ڪئي ھئي پر خبر ناھي ته انھن فيصلن تي ڪيترو عملي ٿي سگھيو آھي؟ ھن وقت سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري واو سوال پڻ اھم معنيٰ رکي ٿو. بنيادي سوال اھو پڻ آهي ته سنڌي ٻولي جي مستقبل بابت اسان جو نوجوان ڪيترو فڪرمند آھي؟عام ماڻھو ڪيترو فڪر مند آھي؟
سنڌي ٻولي جي ترقي واڌاري لاءِ سرڪاري ادارن جو ڪردار :
سنڌي ٻولي هڪ اهڙي ٻولي آهي جنهن ۾ جديددور۽ترقي يافته ٻولي واريون سڀئي حُسناڪيون ۽ خوبيون موجود آهن پرجديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اسان پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ آبياري لاءِ ڪھڙو ڪم ڪري سگھيا آھيون ۽ اسان جا جوڙيل سرڪاري ادارا هن وقت تائين ڪيترو لاڀائتوڪم ڪري سگهيا آهن؟ انھي ڳالھھ جو پڻ پوتاميل ٿيڻ گھرجي؟ٻولي جي ترقي واڌاري لاءِ 1972ع ۾ انھي وقت جي سرڪار پاران سنڌي ٻولي جو ايڪٽ پڻ آندو ويو ھو پر 50سال گذرڻ جي باوجود انهي ايڪٽ تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل نه ٿيڻ جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟ھن وقت اسان وٽ سنڌي ٻولي جي بقا ۽ وجود وارو سوال اسان جي اڳيان آهي. انهي سان گڏوگڏ ٻولي جي ترقي آبياري ۽ واڌاري وارو سوال پڻ اسان جي اڳيان آهي.گذريل ويھھ سالن جو تجزيو ڪري ڏسو ته ويھھ سالن دوران سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جوڙيل سرڪاري ادارا سنڌ لئنگويج اٿارٽي۽ سنڌي ادبي بورڊ ڪيترو ڪم ڪري سگهيا آهن؟ ھي اعليٰ علمي ۽ تحقيقي ادارا سنڌي ٻولي تاريخ سنڌ جي لوڪ ۽ ڪلاسيڪل ادب کي محفوظ ڪرڻ واري مقصد تحت جوڙيا ويا آھن. ھنن ادارن کي تعليم کاتي پاران خاص گرانٽ پڻ ڏني وڃي ٿي سنڌي ادبي بورڊ ھڪ تحقيقي ادارو آهي ھن اداري پنهنجي اوائلي دور ۾ سوين تحقيقي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ھئا پر گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ جي صورتحال اها آهي جو هي ادارو وڏيون وڏيون بجيٽون رکندي به مالي۽ انتظامي گهوٽالي جو شڪار رهندو پيو اچي پر انھي اداري تي ڪير ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي. اڪثر اسان ڏٺو آھي ادبي بورڊ جا ملازم پنهنجن مسئلن لاءِ اڪثر سراپا احتجاج ھوندا آهن. سنڌي ادب جي واڌويجهه، تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر جوڙيل سنڌي ادبي بورڊ وارو ادارو هن وقت سياسي ڌرين جي“رحم ڪرم” تي هلي رهيو آهي. اھا ڳالھھ ھاڻي واضح ٿيڻ گھرجي ادبي بوڊ تحقيقي ڪم لاءِ ڪيترو ڪوشان آھي ؟جڏهن سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ھن اھم اداري جي صورتحال زوال پذير هجي ۽ انهي اداري جي ڪارج کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪو به ماڻهو عملي طور تي وک وڌائڻ لاءِ تيار نه هجي ته اهڙي صورتحال ۾ اسان جي سنڌي ٻولي ڪيئن ترقي ڪري سگھندي؟ سنڌ لئنگوئج اٿارٽي جو ادارو پنھنجي وس آھر وسيلن جي آڌار تي بھتر ڪم ڪندو رھيو آھي ڇاڪاڻ جو ھن اداري جي اھم پوسٽن تي سنڌ جا ناميارا ليکڪ اديب فائز رھيا آھن. ھن وقت ھن اداري جون واڳون (اٿارٽي جي چئرمين جي حيثيت سان)اسان جي اديب دوست اسحاق سميجو سنڀاليون آھن ھي اسان. جو دوست گھڻ پڙھيو ۽ جاکوڙي ماڻھو آھي، ھن ايندي شرط سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ جاڳرتا مھم جي ٽرينڊ کي متعارف ڪرايو آھي. سنڌي ٻولي جي ھن جاڳرتا مھم واري عمل جي سموري سنڌ کي آجيان ڪرڻ گھرجي ۽ سموري سنڌ جي پڙھيل لکيل طبقي توڙي عام ماڻھن کي ھن مھم جو حصو ٿيڻ گھرجي.
ايڪتا ڏھاڙو سنڌي ٻولي جي جاڳرتا مھم جي سري ھيٺ ملھائڻ گھرجي :
منھنجي ھڪڙي راءِ اھا پڻ آھي ته سنڌي ميڊيا طرفان ھر سال ملھائجندڙ ايڪتا ڏھاڙو ھن ڀيري سنڌي ٻولي جي نانءُ ڪيو وڃي. ھن ڀيري ايڪتا ڏھاڙو سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جي سري ھيٺ ملھايو وڃي. آءُ اخباري ادارن ۽ ٽي وي چئنلس جي مالڪن کي گذارش ڪندس ته اھي ھن راءِ تي نظر ثاني ڪن. ھن وقت اسان جو اڀرندڙ نسل پنهنجي اصلوڪي نج سنڌي ٻولي کان اڻ واقف ٿيندو پيو وڃي. انھي ڪري سنڌ جي نوجوانن کي ھن ٻولي جاڳرتا مھم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي.
تعليمي ادارن م سنڌي لازمي پڙھائڻ واو سوال :
اھا پڻ حقيقت آهي ته سنڌ ۾سياسي متڀيد، لساني بنياد پرستي ۽ ڌارين جي يلغار سنڌي ٻولي جي واڌويجهه ۽ ترقي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. جنهن جو واضح مثال هي آهي جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي خانگي توڙي ڪجهه سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جو مضمون نٿو پڙهايو وڃي. انهن ادارن ۾ سرڪار جا حڪم پڻ نٿا هلن. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص جي نجي اسڪولن ۾ ته سنڌ جي وڏيرن، سياسي ليڊرن، اديبن، شاعرن، ساڃاهه وند ڌرين جا ٻار پڻ پڙهن ٿا. پر انهن نجي اسڪولن کان ڪير به پڇاڻو به نٿو ڪري ته اسان جي ٻارن کي بنيادي تعليم مادري ٻولي (سنڌي) ۾ ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن جي نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون نه پڙهائڻ واريون خبرون مختلف وقتن تي ميڊيا ۾ گردش ڪنديون رهيون آهن، پر وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي لازمي پڙهائڻ جي حوالي سان ٻٽا معيار موجود آهن.
مختلف وقتن تي سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي اڪثر شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ وارن مامرن جا نوٽس پڻ ورتا ويا آهن ۽ چيو ويندو آهي ته سنڌي مضمون نه پڙهائڻ وارن اسڪولن جا لائسنس رد ڪيا ويندا، ۽ اسڪول جي رجسٽريشن ختم ڪئي ويندي پر عمومي طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙن فيصلن تي عمل گهٽ ٿيندي نظر ايندو آهي. ھاڻي جڏهن تعليم کاتي سنڌ خانگي تعليمي ادارن جي نئين سر رجسٽريشن جي بنياد تي تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي طور پڙھائڻ واري نقطي کي شامل ڪري انھي تي عمل ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي جيڪڏهن تعليم کاتو سنڌ تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي پڙھائڻ واري فيصلي تي عمل ڪرائي ٿو ته اھا تمام بھتر ڳالھھ ھوندي.
ٻولي جي ترقي لاءِ اديبن شاعرن ادبي تنظيمن جو ڪردار :
سنڌي ٻولي جي مستقبل بابت جتي ٻيا معامرا آهن اُتي اهو پڻ سوال اڀري ٿو ته اسان جا اديب، شاعر ٻولي کي جيارڻ لاءِ سنڌي ادب تي ڪيترو ڪم ڪري سگهيا آهن؟ ٻولي جي ترقي ۽ ادب جي آبياري جو تعلق ادارن ۽ تنظيمن سان جڙيل هوندو آهي پر ادبي تنظيمن جو ڪارج هن وقت سواليه نشان بڻيل آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ جوڙيل انهن تنظيمن جي ڪارج تي هاڻي آڱريون ڇو کڄي رهيون آهن.سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت جو ڪارج ھن وقت عملي طور تي نظر ڇو نٿو اچي مجموعي طور تي اسان جي سنڌي ٻولي جو مستقبل اديبن شاعرن جي ڪردار، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن، تنظيمن جي ڪارج ۽ رياست جي ڪردار سان سلهاڙيل آهي.
جيڪڏهن اسان جي ادبي ادارن ۽ تنظيمن ۾ ويٺل اسان جا دوست پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ادا ڪن ته هوند اسان جا اهي علمي ادارا ترقي جي راهن ڏانهن گامزن ٿي سگهن ٿا ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه بهتر ڪم به ٿي سگهي ٿو.
اسان جون ذميواريون نيٺ چا ڪجي :
ھن وقت تعليم کاتي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جو قلم دان سنڌ جي ھڪ تخليقڪار سردار شاھھ وٽ آهي، جيڪو ٻولي جي مسئلن معاملن جي چڱي ريت پروڙ رکي ٿو جيڪڏهن سرڪار ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون وٺي ٿي ته انھن ڪوششن جي سنڌ آجيان ڪندي. سنڌي ٻولي جي بهتر مستقبل لاءِ ضروري آهي ته اسان ذميوارين کي سمجھون ۽ پنهنجي ٻولي کي آڏو ايندڙ مسئلن، معاملن ۽ چئلينجن کي سمجهون ۽ ان جي ترقي واڌاري لاءِ عملي طور تي اڳتي اچون. موجوده حالتن جي پس منظر ۾سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنڌ جي عام ماڻهن، سول سوسائٽي جي دوستن، اين جي اوز جي نمائندن، اديبن، دانشورن ۽ ميڊيا جي دوستن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ڪو تحرڪ وٺڻو پوندو.انھي ڏس ۾، سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار پنهنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو .