تعارف ۽ مقصد

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، ڦھلاءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ عالمن ۽ محققن جي علمي مدد لاءِ جوڙيل ”سنڌي ٻولي لائبرريء“ ۾ اچڻ تي اوھان کي ڀليڪار ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل ۽ ٿيندڙ تحقيق تي ٻڌل ھي آن لائين پورٽل ٽيڪسٽ، آواز ۽ وڊيو تي ٻڌل مواد تي مشتمل آهي، جنھن جو بنيادي مقصد سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل هر قسم جي علمي مواد کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ آھي. هن پورٽل جو ھڪ مقصد اھو بہ آھي تہ دنيا جي جديد رجحان يعني ويب تي ھڪ علمي ۽ تحقيقي پليٽ فارم جوڙيو وڃي، جنھن سان سنڌ، پاڪستان توڙي سموريء دنيا ۾ رهندڙ اديبن، تعليمي ماهرن ۽ محققن جي سنڌي ٻوليءَ بابت لکيل مواد ۽ علمي دستاويزن تائين پھچ کي آسان بڻايو وڃي. ويب تي موجود سنڌي ٻوليءَ جا اھم ذريعا، ٻوليءَ تي ڪيل ڪمن جي فھرست، پراڻا دستاويز ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن، تحقيقي جرنلن ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڇپيل مواد کي مختلف ڀاڱن ۾ ورھائي، ڊجيٽلائيز ڪجي تہ جيئن لسانيات، ٻوليءَ جي تاريخ، بڻ بڻياد، وياڪرڻ، صوتيات، سماجي لسانيات، لغتن ۽ سنڌو لکت بابت مواد مان وڌ ۾ وڌ ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن.

سنڌي ٻولي:

سنڌي دنيا جي چند قديم ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا سنڌو سڀيتا جي مُک ۽ معياري ٻولي شمار ٿئي ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي قديم وطن سنڌُو جي اصلوڪن رهواسين جي ٻولي آهي. هڪ اندازي موجب هن وقت دنيا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ ٿيندو. اوائلي سنڌي ٻوليءَ جي لکت کي ”سنڌو لکت“ (Indus Script) جي نالي سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. سنڌو لکت اڃا تائين پڙهجي نه سگهي آهي، جيتوڻيڪ ان لکت جي ڀاڃ تي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ ٻولين جا ماهر لاڳيتو ڪم ڪري رهيا آهن. ٿلهي ليکي سنڌو لکت جي ڀاڃ تي ٿيل ڪم اڃا اڻ پورو آهي.
اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي عربيءَ جا اثر قبولڻ شروع ڪيا، اڳتي هلي عربي رسم الخط کي ئي سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ اختيار ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. ڀارت ۾ سنڌي ٻولي عربيءَ سان گڏ ديوناگري رسم الخط ۾ پڻ لکي وڃي ٿي. برطانوي بيٺڪيتي راڄ دوران 1853ع ۾ انگريز حڪومت سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ کي معياري صورت ڏني ۽ ان کي جديد تربيتي ۽ دفتري استعمال لاءِ پڌرو ڪيو. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي ۽ ڀارت ۾ وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. سنڌي پاڪستان جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب سان گڏوگڏ ڀارت جي رياستن راجسٿان، پنجاب ۽ گجرات ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي.
ڀارت ۾ هن وقت سنڌي ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ ھندو آباديءَ تي مشتمل آھي، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ 1947ع ڌاري ڀارت ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويو. جڏهن ته سنڌ جي سرحدي صوبن گجرات ۽ راجسٿان ۾ مسلمان سنڌين جا سوين ڳوٺ پڻ آباد آهن. سنڌي هن وقت سڄيءَ دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ رھن ٿا. جن ۾ خاص طور ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب امارتون، سعودي عرب، آسٽريليا، برطانيا، آمريڪا، جبرالٽر وغيره شامل آهن.

image

تڪڙي پُھچ

سنڌي ٻوليءَ تي مختلف ٻولين ۾ ڇپيل ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا

ڪتابَ

انڊس اسڪرپٽ تي تازو اپلوڊ ٿيل ڪتاب، توهان PDF فائل ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا يا آن لائن پڙهي سگهو ٿا.

سنڌو لکت فونٽ

عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ تحقيق ڪندڙن لاءِ IVC اسڪرپٽ (سنڌو ماٿري جِي لکت) فونٽ پيش ڪري ٿو، جيڪي مشرقي ٻولين ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اسڪرپٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن.

image

تازا چاڙھيل تحقيقي مضمون

سنڌي ٻوليءَ بابت دنيا جي مختلف ملڪن جي اخبارن، رسالن ۽ ميڊيا ۾ مضمون، مقالا اداريا ۽ فيچر شايع ٿيندا رھن ٿا، ھتي تازوشايع ٿيل مواد ونڊيو ويندو آھي تہ جيئن پڙھندڙ نون بحثن سوالن ۽ ڳالهہ ٻولهہ کان واقف ٿي سگهن.

محبت ٻرڙي جو لغت سازيءَ تي ڪيل ڪم :تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس

Abstract:  Muhabbat Buriro is a trustworthy name in Sindhi language. He has worked in the…

Read More

سنڌي الفابيٽ ۾ موجود 9 اضافي اکرن جو تنقيدي جائزو

Abstract: The Sindhi alphabet has a long history of graphemes, phonemes and sequence of letter.…

Read More

Copyright @2024 Sindhi Language Library. All Rights Reserved by Sindhi Language Authority

Powered by Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering