سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن لپي
سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن لپي
علي آڪاش
سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ جي باري ۾ اڄڪلهه خيالَ ۽ ويچارَ ونڊيا پيا وڃن؛ اڳي به اهڙا خيال ونڊيا ويا آهن. خاص طور هاڻوڪي سنڌي الف بي يا لپيءَ جي فعاليت تي ڪي بنيادي سوال اٿاريا پئي ويا آهن، تن مان مک هن طرح آهن:
پهريون: جيڪي ٻوليون ساڄي پاسي کان لکجن ٿيون، سي ختم ٿي وينديون.
اِها ڳالهه سچائيءَ تي ٻڌل ناهي. انهيءَ ڪري جو عربي ٻولي ساڄي پاسي کان لکي وڃي ٿي، ۽ اُها هن وقت دنيا جي سڌريل ٻولين ۾ ڳڻي ٿي وڃي. اِها مڪمل طرح، ڊجيٽل يا انٽرنيٽ جي ٻولي بڻجي چڪي آهي. دنيا ۾ عربي ڳالهائيندڙ آبادي لڳ ڀڳ 420 ملين آهي. اهو انگ انگريزي ٻوليءَ کان ڪو گهڻو گهٽ به ناهي. تنهنڪري، اِها خام خيالي آهي ته ساڄي پاسي کان لکجندڙ ٻوليون ختم ٿي وينديون.
ٻيو: رومن اسڪرپٽ ئي باقي رهڻو آهي. باقي ٻيا اسڪرپٽ يا رسم الخط ختم ٿي ويندا.
اِها ڳالهه پڻ غيرحقيقي آهي. آئون اوهان اڳيان رڳو ٻه مثال رکان ٿو. هڪ: هندي ٻولي. هندي ٻولي رومن لپيءَ ۾ نه ٿي لکي وڃي، پر ديوناگري لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي، انهيءَ ۾ 44 اکر آهن. ديوناگري هندستان کان سواءِ، نيپال ۽ بنگال جي ٻولين لاءِ به واهپي ۾ آهي. ٻيو: چيني ٻولي: اِها ٻولي ڏسڻ ۾ ئي عجيب آهي. اڄ ڏهاڙي سوڌو پراچين انداز ۾ لکي ٿي وڃي. اُها رومن لپيءَ ۾ رائج ناهي. پر اها ٻولي پنهنجيءَ سگهه سان موجود آهي.
انهيءَ مان ثابت ٿيو ته لپي، ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ ناهي.
ٽيون: سنڌي ٻولي عربي لپيءَ جي درجيبنديءَ ۾ هئڻ ڪري، ڊجيٽل ٻولي نه ٿي سگهي.
اِها ڳالهه به تحقيق کان پالهي ۽ بناوتي ڳالهه آهي. ڇو ته عربي ٻولي پاڻ ڊجيٽيل دنيا ۾ هڪ اُسريل ٻولي آهي. هن وقت، چيني، عربي، هندي لپيون، پوريءَ طرح، ڊجيٽل واهپي ۾ آهن. انهن ملڪن پنهنجين لپين کي نئين زماني جي گهرجن سان ٺهڪائڻ لاءِ وسيلا ڪتب آندا آهن؛ ايئن اُهي سوڀارا ٿيا آهن. اسان وٽ گهڻا وسيلا ناهن، نه ئي سکيا ورتل ٻولي انجنيئرنگ توڻي ڊجيٽائيزيشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي سلسلي ۾ فردي سگهه موجود آهي، تنهنڪري، هيءُ معاملو جُڳاڙي ماڻهن جي حوالي ٿيل آهي. هن سموري مونجهاري جو لاڳاپو، اصل ۾، سنڌي ٻوليءَ جي عربي لپيءَ سان ناهي، پر مالي ۽ انساني وسيلن جي کوٽ سان آهي.
گوگل ترجمي وسيلي سنڌي ٻوليءَ جي تز ترجمي لاءِ به بهانا موجود آهن ته سنڌي ٻوليءَ جو لکت ۾ ڪاپي پيسٽ ڪرڻ لاءِ ايترو مواد موجود ناهي جو جديد “باٽس” وسيلي سنڌي ٻوليءَ جو دنيا جي ٻين ٻولين ۾ تز ترجمو ڪري سگهجي يا ٻين ٻولين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهجي. انهيءَ سلسلي ۾، ڪتابن جي پي ڊي ايف ۾ هجڻ ۽ اخبارن جي اِي پيپرز طور هجڻ جو رڳو بهانو آهي. جيڪڏهن روزانو سوشل ميڊيا تي لکيو ويندڙ سنڌي مواد ئي لاڳاپيل مقصد لاءِ کڻجي ته مواد جي کوٽ وارو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. رڳو فيسبُڪ تي روزاني هزارين پوسٽون ونڊيون وڃن ٿيون. اِهو مواد روز جي حساب سان سڀني روزاني اخبارن کان وڌيڪ آهي. تنهن کان سواءِ، هڪ مهيني اندر انهيءَ مواد جو مقدار ڪيترن ئي ڪتابن جيترو ٿي ويندو. “سنڌ سلامت” ڪتاب گهر يا “سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ” تي موجود محفوظ صورت ۾ رکيل موادُ رڳو هڪ بهانو آهي. اصل ڳالهه آهي ته ڪم ناهي ڪرڻو، رڳو خلق کي منجهائڻو آهي؛ ۽ ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي لاءِ “ماهر” هئڻ واري دعويٰ قائم رکڻي آهي.
چوٿون: سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ واري ٻاونجاهه اکريءَ کي ٽوڙي، انهيءَ مان اضافي لفظ ڪڍيا وڃن.
اها به هڪ بي فائدي ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري جو هر هڪ ٻوليءَ جون پاڙون تاريخ ۾ هونديون آهن. ٻوليون اسرڻ مهل مختلف ٻولين کان اثر وٺنديون اڳتي وڌنديون وينديون آهن. ٻولين سان ڄاڻايل ڦيرڦار لاڳو ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته انهيءَ جي تاريخي اوسر سان هٿ چراند ڪرڻُ يا ڪنهن ٻوليءَ جي پوري ماضيءَ کي ميساري ڇڏڻُ. اِها ڳالهه مناسب ناهي. ايئن آهي ته عربي ٻوليءَ جو اثرُ، سنڌي ٻوليءَ تي عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي پيو آهي؛ ۽ انهيءَ ڪري، عربيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آهن. اِها ڳالهه رڳو سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو ناهي. عربي ٻولي هن وقت اصلوڪن عربن کان ٻاهر غير عربن ۾ وڌيڪ ڳالهائي وڃي. انهن مفتوحن جون ته ٻوليون ئي عربي ٻولي پائي ويئي. اسين ته وري به پنهنجي ٻولي ڳالهايون ٿا. تنهن کان سواءِ انگريزي ٻوليءَ جو مثال وٺجي، انهيءَ ۾ پڻ سندن فاتحن جي ٻولين جي ٻولين جا اکر ۽ شبد ڀنڊار موجود آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ ۽ انهيءَ جي لپيءَ ۾ گهڻا کان گهڻا لفظ ۽ اکر لاطيني (رومي)، فرانس، هسپانوي ۽ جرمن ٻولين مان آيل آهن، پر انگريزن فاتحن جي ٻوليءَ جي لفظن توڻي اچارن کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو آهي. انگريزي ٻولي دنيا ۾ لفظن جي اُچارن ۽ لفطي صورت ۽ صوت جي حساب سان سڀ کان منجهيل ٻولي آهي، تنهن هوندي به، اُها هن وقت دنيا جي سڀ کان وڌيڪ غالب ٻولي آهي. ٿورن لفظن جا مثال پيش ڪجن ٿا.
Psychology
ــ هيءُ لفظ “پِي” سان شروع ٿو ٿئي ۽ تنهن کان پوءِ “ايس” سان شروع ٿو ٿئي. “سي ايچ” جو اچار “ڪ” آهي. سڄي لفظ جو اُچار آهي: سائِڪالاجي يا سائڪولوجي.
School
ــ هن لفظ ۾ “سي ايچ” جو اچار “چ” بدران “ڪ” آهي.
Receipt
ــ هيءُ لفظ پڙهڻ ۾ “رِسيپٽ” ٿو اچي، پر پڙهبو: “رِسيٽ” آهي.
Schizophrenia
ــ هيءُ لفظ عام طور شيزوفرينيا اچاربو آهي، پر اسڪيزُفرينيا به اچاربو آهي. هتي “ايس سي ايچ” جو اچار ”اسڪ” ناهي، جيئن “اسڪول” لفظ ۾ آهي.
Mortgage
ــ مَوگيج. انهيءَ ۾ “آر” ۽ “ٽي” اکر ناهن اچاربا.
Colonel
ــ ڪرنل. (هتي “ڪرنل” اچار جو ڪو تُڪ ئي ناهي. )
Queue
ــ ڪِيو، عجيب اچار آهي!
Language
ــ لئنگوِج (اسين سنڌي ٻولي اختياريءَ جي اصلي اچار پويان وڙهي وڙهي چريا ٿي پيا آهن. اِهو اچار نه لئنگويج آهي نه لئنگئيج آهي).
Knowledge
ــ ناليج، هاڻي لفظ پڙهو ۽ اچار ڏسو!
Epitome
ــ اِهو اچار “اپيٽوم” ناهي پر “اِپٽمِي” آهي.
Choir
ــ اِهو اُچار “چور” يا ”چوئر” يا ”ڪوئر” ناهي، پر “ڪئاير” آهي.
Chaos
ــ هڪ عرصي تائين، اسان کي ماستر انهيءَ جو اچار “چيئوس” پڙهائيندا آيا، پر “انهيءَ جو اصل اچارُ “ڪيئوس“ آهي.
اهڙا آئون هزارين مثال ڏيئي ٿو سگهان. جيئن Gem جو اچار “جَيم” ۽ Get جو اچار “گيٽ” ــ هاڻي ڪو تُڪ ٺهي ٿو!
انگريزن لفظ جي ظاهري صورت ۽ انهيءَ جي اچار جي فرق کي ختم ڪرڻ بدران، لفظن جي صورت ۽ اُچار کي پنهنجيءَ روايت سان ڳنڍي رکيو آهي. هنن ڪڏهن به اها ڪوشش ناهي ڪئي ته جيئن لفظ اچارجي ٿو، تيئن ئي لکيو به وڃي؛ ظاهر آهي ته لسانيات جي خيال کان اِهو ضروري به ناهي.
هاڻي اوهين اتان اندازو ڪريو ته ههڙي منجهيل ٻولي به دنيا جي سڀني ٻولين تي غالب ٿي سگهي ٿي؛ سهنجائيءَ سان لکي سگهجي ٿي ته پوءِ سنڌي ٻولي ساڳي ئي لپيءَ سان ڇو نه ٿي لکي پڙهي سگهجي. تنهنڪري، هيءُ سمورو مسئلو رڳو، مادي ۽ انساني وسيلن جي اڻهوند، رٿابنديءَ جي ڪميءَ ۽ سچي نيت جي کوٽ سان لاڳاپيل ٿو ڏسجي.
سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي لپي، اسان جي لکڻ پڙهڻ جي گهرجن کي پورو ڪري ٿي، تنهنڪري، انهيءَ ۾ ڪنهن به تبديليءَ جي ڪابه گهرج ناهي. لپي طئه ٿي، ٻولي لکت ۾ اچي ويئي. اهو ڪافي هوندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هروڀرو به مٿَي هڻڻ جي گهرج ناهي.
اِهو سوچجي ته سنڌي قوم، هن وقت هڪ “ڪالونيل” صورتحال ۾ آهي. پنهنجي وس واري ناهي. سنڌي ٻوليءَ کي هاڻوڪي صورتحال تائين آڻڻ ۾ اسان جي عالمن، اديبن ۽ ڏاهن الائي ڪيتريون قربانيون ڏنيون آهن ۽ نور نچويو آهي، انهيءَ کي بچايو ۽ وڌايو آهي. تنهن کان سواءِ، هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي لپيءَ ۾ ايترو اڻميو ۽ اڻ ڪَٿيو مواد موجود آهي، جو لپيءَ جي مَٽ سان اهو سارو خزانو ئي ختم ٿي ويندو. ايئن سنڌي قوم پنهنجين پاڙن کان الڳ ٿي ويندي. ظاهر آهي ته اسان وٽ ايترا وسيلا ناهن، جو انهيءَ سموري مواد کي رومن لپيءَ ۾ آڻجي. اسان جي ٻولي جيئن آهي، تيئن ٺيڪ آهي.
باقي ڊجيٽيل سهولت جي ڳالهه آهي ته انهيءَ لاءِ هڪ رومن اسڪرپٽ تيار ڪري ٿو سگهجي، جيئن چيني ۽ هندي ٻولين لاءِ آهي. جڏهن گوگل ٽرانسليٽ ۾ انگريزيءَ مان چينيءَ يا هنديءَ ترجمو ڪبو ته اصل اسڪرپٽ سان گڏ رومن چيني ۽ هندي به لکجي اچي ٿي. انهيءَ حد تائين معاملو ٺيڪ آهي، پر درس تدريس ۽ تعليمي مقصدن لاءِ ۽ ادب سرجڻ جي مقصد واسطي هاڻوڪي عربي لپي اسان لاءِ سئو سيڪڙو مناسب آهي.
17-05-2024 ذريعو: فيس بڪ