سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڊجيٽيل سهولت - ٽرانسليٽريشن - علي آڪاش

سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڊجيٽيل سهولت - ٽرانسليٽريشن

سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڊجيٽيل سهولت - ٽرانسليٽريشن

 

علي آڪاش

 

مون سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن لپيءَ جِي پيش ٿيندڙَ گهرج جي حوالي کان، پنهنجيءَ سمجهه آڌار، ڪي ويچار اوهان سان ونڊيا. اوهان منجهان گهڻن سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن ۽ گَهڻ گهرن کي اُهي وڻيا، جنهن لاءِ آئون اوهان جو دل سان ٿورائتو آهيان.

 

اڳين پوسٽ مون “ڊجيٽل سهولت (Facility) واري نقطي جي گنجائش تي پوري ڪئي هئي. آئون تنهن جي چٽائيءَ لاءِ به، ڪي وڌيڪ ويچار ونڊڻ ٿو گهران. هونءَ ڊجيٽل سهولتن ۾ اسان جي سنڌي ٻولي واهپي ۾ آهي. اُها ڪمپيوٽر جي ٻولي آهي، انهيءَ ۾ سوشل ميڊيا تي لکڻيون لکيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون؛ رايا ونڊيا وڃن ٿا. ويب سائيٽون به آهن، بلاگ به لکجن ٿا، ڪتاب به موجود آهن، آنلائين اخبارون ۽ رسالا به آهن، ڪيتريون ئي ايپليڪيشنون آهن، جيئن سنڌي ٻولي اختياريءَ جي تيار ڪيل “جامع لغت” واري ايپ وغيره.

 

سنڌي ٻوليءَ جي رومن لِپيءَ جي حوالي کان، مون جنهن سهولت ڏانهن اشارو ڪيو هو، اُها  گوگل ٽرانسليٽريشن ــ يعني گوگل لپي ــ مٽ آهي. اِهو هڪ اوزار آهي، جيڪو گوگل تيار ڪيو آهي. اُهو واهپيڪارن کي اِها سهولت ڏئي ٿو ته اُهي رومن ٻوليءَ ۾ ڪنهن ٻِي ٻوليءَ کي پڙهي ۽ اُچاري سگهن. مثال طور، دنيا جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويٺل ڪو ماڻهو، “گوگل ترجميڪار” ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ڪو لفظُ يا ڪا سٽ يا عبارت ٽائيپ ڪري، انهيءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ته اصل سنڌيءَ سان گڏ رومن لپيءَ ۾ به سنڌي ٻولي لکجي اچي؛ ۽ اُها انهيءَ کي پڙهڻ ۾ سهنجائي پيدا ڪري.

 

اِها سهولت اهڙين ٻولين لاءِ پيدا ڪئي ويئي آهي، جن جون لِپيون رومن لِپيءَ ۾ ناهن، جيئن عربي، چيني، هندي، جاپاني، ڪوريائي، روسي ۽ ٻيون انيڪ ٻوليون. سنڌي ٻولي به رومن لِپيءَ ۾ نه ٿي لکجي، تنهنڪري، انهيءَ کي انهيءَ لائق بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته جيئن اُها دنيا جي ٻين قومن يا ماڻهن لاءِ ۽ پڻ انهن سنڌين واسطي به سمجهه ۽/يا سکيا جو وسيلو بڻجي، جيڪي هاڻوڪي سنڌي لِپي نه ٿا پڙهي سگهن.

 

اِها سهولت صحيح آهي. تنهن هوندي به، هڪ وضاحت لازمي آهي. هن وقت گوگل لِپي ــ مٽ جي سهولت ۾ موجود ٻوليون، گهڻي ڀاڱي، پاڻڀريون ۽ آزاداڻيون ٻوليون آهن. جيتوڻيڪ، سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال ڪنهن قدر بهتر آهي، تنهن هوندي به، انهيءَ کي ڪي گهڻا مادي ۽ انساني وسيلا ميسر ناهن، نه ئي مهارتن جو ڪو باقاعدي انتظام آهي؛ نه ئي ڪو اهڙو ٻوليائي انصاف جو سرشتو به موجود آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجين گهرجن جي پورائي لاءِ پُوري يا مناسب آزادي ڏيندو هجي، جنهن جو فائدو کڻي، اُها عربيءَ، چينيءَ، روسيءَ ۽ هنديءَ وغيره جهڙين وڏين ٻولين جهڙي ستت سوڀ ماڻي سگهي. پاڻ وٽ ته سنڌي ٻوليءَ کي اردوءَ يا انگريزيءَ جيترا به، اُسرڻ جا موقعا مليل ناهن. تنهن هوندي به، سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ماءُ ٻولي سمجهندڙَ فرد موجود آهن، جيڪي پنهنجي طور تي ڪوششون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندا آيا آهن. ڪو هڪ اڌُ ادارو به آهي. اهو به تڏهن فعال ٿئي، جڏهن ڪو ايماندار ۽ ذميوار فرد سربراهه مقرر ٿئي. نه ته عمومي طرح پگهار، پينشنون، ڪُوڙا ٽي اي ڊي اي جا بلَ، پئٽرول جا ڪِليمَ - پئسا هڙپ. واندڪائيءَ جي وندرَ - سازشون، گلائون: وقت جو زيانُ!

 

ڀلا اسين ڇونه گُهرنداسين ته اسان جي سنڌي ٻولي، دنيا جي ٻين قومن جي ماڻهن لاءِ به سمجهه جو ذريعو بڻجي. پر تنهن کان اڳ، ڏسڻو اِهو به آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي سنڌ اندر صورتحال ڪهڙي آهي. اُها اسان وٽ، اسان جي گهرن، اسڪولن، ڪم ڪار جي جاين ۽ بازار وغيره ۾ موجود آهي يا نه! جيڪڏهن ڄاڻايل جاين تي سنڌي ٻولي موجود آهي ته اُهو سوچجي ته اُها انهن جاين تي ڪيتري سگهاري ۽ جٽادار آهي. پوءِ جن جن جاين تي اُها ڪمزور حالت ۾ موجود آهي، اُتي انهيءَ کي سگهارو ڪجي ــ مثال طور، سنڌي ٻولي، سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ نه ٿي پڙهائي وڃي. توڻي جو اهڙو قانون به موجود آهي، پر خانگي اسڪول ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن. انهيءَ ڏس ۾ سرڪار به بيوس آهي. ياد رهي ته خانگي اسڪولن ۾، سنڌي ٻولي ميڊيم طور به نه ٿي پڙهائي وڃي، اُها اُتي رڳو هڪ مضمون جي حيثيت ۾ پڙهائڻي آهي، تڏهن به، نه ٿي پڙهائي وڃي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پرائمري سطح کان، سنڌي ٻوليءَ سان گڏ، انگريزي ٻولي به پڙهائي وڃي ٿي. هِن سڄيءَ ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته ورچوئل يا ڊجيٽل دنيا تي سنڌي ٻوليءَ جي وڌ ۾ وڌ واهپي جي خواهش ڪريون ۽ ڪي رٿائون ۽ عملَ جا پيچرا به جوڙيون، پر پنهنجيءَ زمين، پنهنجي ٻولي به محفوظ هجي - اِها مُهڙين ترجيح هئڻ کپي.

 

سو ڌيان رکجي ته گوگل ٽرانسليٽريشن يا لِپي ــ مٽ رڳو هڪ ورچوئل سهولت آهي. انهيءَ ڳالهه کي ايترو وڌائي چاڙهي نه پيش ڪجي، جو اِهو تاثر ملي ته ماڳهين سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي لِپي تبديل ڪري، انهيءَ جي جاءِ تي، رومن لِپي آڻڻ جي وڪالت ڪئي پئي وڃي.

 

اها ڳالهه انهيءَ ڪري ڪيم جو سنڌي ٻوليءَ سان ويجهڙائي رکندڙ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪڙا: سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙ آهن، تنهنڪري اُهي هر اوليءَ سوليءَ تي اک رکندا آهن؛ ۽ پنهنجي راءِ توڻي عمل ۾ بي لوث ۽ خلوص وند هوندا آهن. ٻيا: سنڌي ٻوليءَ کي "روزي روٽي" بڻايو ويٺا آهن. اُهي رڳو انهيءَ تاڪ ۾ هوندا آهن ته کين ڪو بُل ملي ته "آ" ڪن.

 

گوگل لِپي ــ مٽ وسيلي عربي، چيني، روسي ۽ هندي وغيره مان هر هڪ ۾ ڪنهن ٻوليءَ جو ترجمو ٻن مَتنن ۾ اچي ٿو. هڪ اصلوڪي لِپيءَ ۾ ۽ ٻيو رومن لِپيءَ ۾. اِها ڳالهه ايتري ئي آهي. انهيءَ جو اِهو مطلب ناهي ته عربيءَ، چيني، روسيءَ يا هنديءَ وغيره ۾ درس تدريس، تعليم تربيت، ادب يا بازار ۾ به رومن لِپي استعمال پئي ٿئي. ايئن بلڪل به ناهي. اِهي ٻوليون پنهنجن ملڪن اندر پنهنجيءَ اصلوڪيءَ لِپيءَ سان عام واهپي ۾ آهن. هيءَ ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته اڄ سڄي دنيا ٻولين جي نج پڻَي کي بچائڻ ۽ محفوظ حالت آڻڻ، يا ڪا ٻولي محفوظ حالت ۾ آهي ته تنهن جي اُنهيءَ حالت کي برقرار رکڻ جي معاملي ۾ گهڻي حساس آهي. ڇاڪاڻ ته هر قوم جو تهذيبي، ثقافتي توڻي تمدني ورثو ۽ سرمايو انهيءَ جي ٻوليءَ ۾ ئي محفوظ هوندو آهي. 1928ع ۾ ترڪي ٻوليءَ پنهنجي لِپي ڇڏي، رومن لِپي استعمال ڪرڻ شروع ڪئي هئي. انهيءَ واقعي کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين، يعني هڪ صديءَ کان مٿي گذريل سمئه تائين، دنيا جي ڪنهن به اُسريل يا ڪنهن خاص خطي ۾ موجود ماڻهن جي ٻوليائي گهرجن جو پورائو ڪندڙ ٻوليءَ، پنهنجي لِپي، رومن لِپيءَ ۾ نه مَٽائي آهي. سنڌي ٻوليءَ به، ڪيترن ئي خدشن ۽ مسئلن کان پوءِ به هڪ اُسريل ٻولي آهي، جنهن جا ڳالهائيندڙ ڪروڙين آهن ۽ اُها سنڌي ماڻهن جي ٻوليائي گهرجن جو پورائو ڪري ٿي.

 

گوگل لپي ــ مٽ جي سهولتَ گوگل ترجميڪار سان گڏ موجود آهي. اهو تجربو اوهين پاڻ به ڪري سگهو ٿا، جڏهن اوهين گوگل ترجميڪار ۾ ڪو جملو سنڌيءَ ۾ لکي هنديءَ ۾ ترجمو ڪندا ته اصل هندي لپيءَ واريءَ ٻوليءَ سان گڏ رومن لپيءَ ۾ به اُهو جملو لکجي ايندو. جيئن ته اوهين ديوناگري نه ٿا ڄاڻون، تنهنڪري، اوهين رومن لِپيءَ وسيلي اُهو ترجمو پڙهي سگهندا. يعني ٻولي ساڳي هوندي، رڳو لِپي مَٽجندي. اِهو عملُ ٽرانسليٽريشن يا لپي ــ مٽ چئجي ٿو. گوگل ترجميڪار وسيلي لڳ ڀڳ سئو ٻولين ۾ اها سهولت موجود آهي، پر سنڌيءَ سميت ڪيترين ئي ٻولين جي ترجمي سان گڏ اها سهولت نه ملي.

 

ڪنهن ٻوليءَ جي لِپي ــ مٽ لاءِ گوگل جي الگورٿمن ۽ مشيني ڍانچي کي ڪي خاص شيون گهربل هونديون آهن، جن ۾ صوتي نقشي سازي (Phonetic mapping) اهم آهي. اهو پورو هڪ ٽيڪنيڪل ضابطو آهي. گوگل کي اِها صوتي نقشي سازي لاطيني اکرن ۽ سُرن/آوازن ۾ کپي. مثالُ، سنڌي ٻوليءَ جي رومن لِپيءَ ۾ صوتي نقشي سازي ڪرڻي آهي. تنهن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي اکرن، سُرن، آوازن جي نشانين کي طئه ڪري گوگل جي مشيني ڍانچن ۽ الگورٿمن جي حوالي ڪبو، جيڪي انهن نشانين يا خاص ڊجيٽل ڪوڊنگ کي لکت يا آواز جي صورت ڏيندا ته سنڌي ٻوليءَ جو هوبهو اچار پيدا ٿيندو. صوتي سازيءَ جو ڪمُ ٻوليءَ جا انجنيئر ڪري ٿا سگهن، جن سان ملي گوگل ڪم ڪندي آهي. رڳو انهن سان نه، پر اُها لِپي ــ مٽ جي دائري ۾ ڪنهن ٻوليءَ کي آڻڻ واسطي لسانيات جي ماهرن، ٻوليدانن ۽ مقامي ڳالهائيندڙن کان پڻ مدد وٺندي آهي ته جيئن اُنهيءَ نئين ٻوليءَ جي لِپي ــ مٽ جو عملُ تز ۽ درست نموني ٿي سگهي. ياد رهي ته انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻوليءَ جو گهڻ پاسائون مواد يا متن به گهربل به کپي، جنهن کي گوگل انجڻ عمل ۾ آڻي لپي - مَٽ ڪري سگهندي آهي.

آئون سمجهان ٿو، مون جيڪو “ڊجيٽل سهولت” اصطلاح واهپايو هو، تنهن جي چٽائي، گهڻي ڀاڱي، ٿي چڪي آهي. وڏي مهرباني.

 

نوٽ: هن مضمون کي لکڻ لاءِ مواد جي مدد “ميٽا اَي آءِ” کان ورتي ويئي آهي.

@highlight

(18-05-2024 ذريعو: فيس بڪ)

Copyright @2024 Sindhi Language Library. All Rights Reserved by Sindhi Language Authority

Powered by Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering