لهجا، ٻولين جو اولاد - امر فياض ٻرڙو

لهجا، ٻولين جو اولاد

لهجا، ٻولين جو اولاد

 
لهجا، ٻولين جو اولاد
 

 لهجو معنا، ڳالهائڻ جو ڍنگ، لفظن جي سُرن کي مخلتف اندازن سان اچارڻ وغيرہ. لهجو ھڪ ئي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ زميني مفاصلن يا جاگرافيائي ورڇن جي ڪري ڳالهائيندڙن جي انداز ۾ پاڻمرادو پيدا ٿيندڙ اچارن جي ويڇن کي سڏجي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي زميني پکيڙ گهڻي ٿيندي ته انهن جي ڳالهائڻ جا انداز به مختلف ٿيندا ويندا آھن. سولي نموني سان چئجي تہ ڪنھن به ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ پري پري تائين موجود ھجن ته انهن جي ڳالهائڻ جو ڍنگ جيڪو مختلف ٿئي ته ان ڳالهائڻ جي تبديل ٿيندڙ ڍنگ کي اصل ۾ لهجو سڏبو آھي.

                 لهجن جا بڻيادي طور تي ٻه وڏا قسم ٿين ٿا. ھڪڙا وڏا لهجا ۽ ٻيا ننڍا لهجا. وڏا لهجا لڳ ڀڳ پورن جملن ۾ نون لفظن، ڍِڪن ۽ اچارن ۾ ئي فرق ڏيکاريندا آھن ۽ ننڍن لهجن ۾ بس ٿورو گهڻو ٻولن ۽ انهن ٻولن جي سُرن جو فرق ٿيندو آھي. سڄي دنيا ۾ شاھوڪار ۽ وسيع ٻولين جو وڏي ۾ وڏو اھڃاڻ اھو به ھوندو آھي ته ڪھڙي ٻوليءَ ۾ ڪيترا لهجا موجود آھن. ٻولين جا وڏا پارکو لهجن کي ٻولين جا پُٽَ ڪري سڏيندا آھن، يعني جيترا گهڻا پُٽَ، اوتري اھا ٻولي ڀاڳواري سڏبي آھي!

ھڪ اھم ڳالهه جيڪا دوستن سان سلبي ھلجي ته لهجن جي باري ۾ اڪثر اھو تاثر عام ملندو آھي ته فلاڻو لهجو “غلط لهجو” آھي يا فلاڻو لهجو “ڀلو لهجو” آھي. پر حقيقت ۾ ائين قطعي ناھي. ڪوبه لهجو نه ته ڀلو ٿيندو آھي ۽ نه ئي وري خراب. ھا اھو چئي سگهجي ٿو ته ڪو لهجو جلدي سمجهي سگهبو آھي ته ڪو وري سمجهڻ لاءِ ٿورو وقت گهرندو آھي،

پر ان ۾ خراب يا چڱي جو ڪو پئمانو نه ٿو رکي سگهجي. ھر لهجو تمام وڏي اھميت رکندو آھي، انڪري ڪنھن به لهجي جي ساخت کي رد ڪرڻ ڪا ڀلي سوچ ناھي ٿيندي. ٻي ڳالهه، جيڪا عام تاثر ۾ ملندي آھي ته فلاڻو لهجو “معياري لهجو” آھي. سو ھتي سڀ ڪو ائين سمجهندو آھي ته ان لهجي جي فضيلت يا عزت گهڻي ٿيڻ گهرجي، ته منھنجا دوستو! ائين به بلڪل ناھي.

اوھان جڏهن “معياري لهجي” جي ڳالهه ڪريو ٿا ته ان جو سنئون سڌو مطلب اھو آھي ته اھو تدريسي ماھر “گڏيل نصاب لاءِ معياري لهجو” ڪري چونڊيندا آھن ته جيئن مختلف پرڳڻن، علائقن ۽ لهجن وارا شاگرد اھو “وچٿرو لهجو” جيڪو سمجهڻ ۾ سولو ٿيندو آھي، ان ۾ پنھنجي تعليم يڪسان پڙهي، لکي ۽ سمجهي سگهن. جيڪو پوري دنيا ۾ ڪنھن به ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي وچولي علائقي جو ئي ٿيندو آھي، جيڪو فطري طور سڀني لهجي وارن ڳالهائيندڙن کي ملائيندو  به آھي. معياري لهجي مان نصابي مامرو ڪڍي ڇڏجي ته ھوند ڪوبه لهجو معياري نه ٿئي. اصل ۾ پوري دنيا جي تدريسي نظامن جي نصابي ڪتابن لاءِ ھڪ لهجو برقرار رکڻو پوندو آھي، جنھن ۾ سڄو تعليمي ڪورس ڏنو وڃي ته جيئن سڀني شاگردن جي سمجهه ھڪ ئي سطح تي ھجي. ۽ ڳالهه بس اتي ئي ختم ٿي ويندي آھي.

ھڪڙا دوست اھو به چوندا آھن جيئن نصابي لهجي جو ھڪ معيار رکيو ويندو آھي، ائين وري ادب جو به معياري لهجو اھو ساڳيو ھوندو! پر ائين به ناھي ھوندو.

ادب انسان جي فني تخليق جو نالو آھي، جنھن ۾ ھڪ ڪوي جڏھن ڪا تخليق ڪري ٿو، تڏھن سندس دماغ ۾ ان تخيل جي اظھار ڪرڻ مھل ھو ٺيڪ اھي ئي ٻول ٻوليندو، جيڪي ھُن ماءُ جي جهوليءَ کان سکيا ھوندا. ھو پنھنجي تخليق ڪنھن ڌاريي لهجي يا ٻوليءَ ۾ ڪندو به ته ان جي تخيل سان انصاف ٿي نه سگهندو. ھاڻي ھتي ڪنھن به ٻئي لهجي ڳالهائڻ واري لهجي يا ٻوليءَ ماھر کي اھو حق نه ڏنو وڃي ته ان مٿان ڏنڊو کڻي بيھي ته خبردار، تون فلاڻي معياري لهجي ۾ شاعري ڪر يا ڪھاڻيون لک! پر جي ائين ٿئي ته پڪ ڄاڻجو اھا ان تخليق سان ڀيانڪ مسخري ٿيندي.

اوھان دنيا جي مارڪيٽن تي راڄ ڪندڙ انگريزي ٻوليءَ کي ئي ڏسو. ڪجهه سال اڳ سڄي دنيا ۾ ان جا نصابي طور تي ٻه لهجا عام ھوندا ھئا، جيڪي برطانوي ۽ آمريڪي ھئا! پر ھاڻي ائين ناھي. ھاڻي انگريزيءَ ٻوليءَ جا نصابي لهجا وڌي الائي گهڻا ٿي ويا آھن. ھاڻي ته مغرب ۾ شاگردن کي به اھا چونڊ ڏني وڃي ٿي ته اھي ڪھڙي لهجي ۾ پڙهڻ سولو سمجهندا. مثال آمريڪي، برطانوي، آسٽريلوي؟ وغيرہ. پر دوستو سڄي انگريزي ٻوليءَ ۾ ھاڻي ته انهن جا لساني ماھر ڏيڍ سئو کان به مٿي لهجن جو انگ ٻڌائين ٿا ۽ مزي جي ڳالهه انهن سڀني لهجن جي ساڳي طرح مان مريادا آھي.

سو دوستو ڪوبه لهجو اخلاقي پئمانن ۾ ناھي توربو، لهجو بس لهجو ٿيندو آھي. نه ڀلو، نه خراب! ڇو ته انهن ئي لهجن ۾ راڄ ڪندڙ لوڪ ڏاھپ لڪل ھوندي آھي.

ھاڻي پاڻ جيڪڏھن پنھنجي سنڌي ٻوليءَ کي ڏسنداسين ته خبر پوي ٿي ته نصابي حساب سان ان ۾ چار لهجا آھن پر اسان کي ان جي ابتڙ انگ مليا آھن. پاڻ 2017ع کان جڏھن سنڌ جي مختلف علائقن مان رڪارڊ ڪيل 11238 آوازن، جن ۾ جملا به آھن ته سُڪا ٻول به، سي “ڪمپيوٽيشنل آوازي پروگرامن” ۾ ڳُتي سگهيا آھيون، تڏھن “آوازي ٽيڪنالاجيءَ” جو پروگرام ٻڌائي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اسان وٽ ارڙهن لهجا موجود آھن! گوگل ۾ ڏکڻ ايشيا جي ائڊمن مس ماڌوريما پڻ حيرت ۾ اچي وڃي ٿي.

ھُن اھو پڇيو ته اوھان ته رڳو چار پئي ٻڌايا! ۽ واقعي به ھي حيرت انگيز انگ آھي. ٿيو ڇا ته آوازي ٽيڪنالاجيءَ جو پروگرام اسان جي ٻوليءَ ۾ ننڍي کان ننڍو ڦيرو به جدا ڪري ان جي شناخت پڌري ڪري پيو. ھتي مثال طور ھڪ جملو کڻي ڏسون ٿا. انگريزيءَ ۾ شناخت پڇڻ مھل پڇن: “ھُو آر يُو؟” ھاڻي ان سوالي جملي کي اسان سنڌي ڪيئن ٻوليندا آھيون. ھتي پاڻ کاري ڇاڻ کان شروع ڪريون ٿا:

تون ڪيرئين؟

تون ڪير ھَئين؟

تنھين ڪير ھِيو؟

تنھين ڪير آھيو؟

تھان ڪير آھيو؟

توھان ڪير آھيو؟

اوھان ڪير آھيو؟

تون ڪير ٿيندو پيو آھين؟

تون ڪير ٿيندو پيو ھئين؟

تون ڪير اين؟ وغيرہ

ھاڻي بلڪل ائين ئي وري خير عافيت وارا جملا به بي انتھا مزيدار مليا. ڪاڇي کان اولاھين پاسين ڪوھستاني پٽيءَ ۾ جيڪا عجيب ڳالهه مون محسوس ڪئي، اھا ٻڌندي اوھان کي به ڏاڍي مزيدار لڳندي! اتي گهڻو ڪري برفت ۽ پالاري جيڪي مليا، انهن ۾ مان ڏٺو ته انهن وٽ ڳالهائڻ وقت “آ” يا “آن” جا سُر مٽجي “او” يا “ائو” ۾ اچاريا وڃن ٿا. مثال طور ھو “هائو” نه پر “هَئو” چون. اتي “ڇا” کي “ڇو” ڪري اچاريو وڃي ٿو. ٻين علائقن ۾ عام طور تي اھو پڇيو ويندو آھي ته “مانيءَ ۾ ڇا آھي؟” پر ھتي ائين پڇيو وڃي ٿو: ”مانيءَ ۾ ڇوھي!” اھي “مان” گهٽ “مون” گهڻو ڪتب آڻين. “مان سان” نه پر “مون سين” ڪري ڳالهائين. ھن پٽيءَ ۾ ڳالهائيندڙن جو سُر گهڻو لئي وارو مليو.

ھاڻي ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ان سوال جو مون وٽ ٻيو ته خاطر خواھ جواب نہ مليو، ھا پر مان جيڪو سمجهي سگهيو آھيان ته جيئن چارلس ڊارون بقا لاءِ قدرتي نظام جي ڳالهه ڪئي آھي، ائين ھتي کيرٿر واري سڄي پکيڙ ۾ مردن جون ڀنڀيون ڏاڙهيون، ڊگهيون مڇيون جيڪي سندن وات به مٿان ڍڪيو ڇڏين، سندن نڪ ۽ ڪن سنهن وارن سان ڀريا پيا ھوندا ته وري منھن ڍڪيل مايُون جيڪي اکيون وڏيون ھوندي به گهٽ کولين.

اوھان جيوگرافيءَ آڌار ڏسو ته ھتي زمين ھموار نه پر ھيٺانھين مٿانھين يعني دڙائين آھي، جنھن تي تيز ھوا جا جهوٽا گهڻا ٿيندا آھن، جيڪي وري لامارا ڏيندي ھيٺان کان مٿي پٽجي لڳن ٿا، انڪري ھوا ۾ جابلو مٽيءَ جا سنها سنها ذرڙا ڀرجي وڃن ٿا، جيڪي ٿورڙو به تيز ھوا لڳڻ سان پاڻ ۾ گاٺ کائي زوزاٽن وارا آواز پيدا ڪندا آھن،

انڪري ئي ھن پٽيءَ جا ماڻهو ڍِڪ ڏئي ۽ تيز سُرن سان ڳالهائيندا آھن ته جيئن سندن ڳالهه سامهون ٻڌڻ واري کي چٽي طرح سمجهه ۾ اچي وڃي. ٻيو ته ڪوھستاني سنڌي الف وارو وڏو سُر انڪري گهٽ اچارين ٿا، جو ائين ڪرڻ سان انهن کي پورو وات کولڻو پوي ٿو، جنھن سبب وارِي سندن وات ۾ پئجي سگهي ٿي. جيئن سندن ڪنن ۽ نڪن ۾ وار، واريءَ کي روڪڻ لاءِ قدرتي رڪاوٽ ٿيندا آھن، تيئن ڳالهائڻ مھل ڪوھستاني وڏا سر انڪري به نه اچاريندا آھن ته ڳالهائڻ مھل وات وڏو نه کولجي وڃي ۽ ھوا ۾ شامل واري (رائو) وات ۾ نه اچي سگهي.

ھن مثال سان سمجهي سگهجي ٿو ته لهجن جو ٺھڻ پڻ قدرتي ۽ بقا جو سبب ٿيندو آھي، جنھن مٿان برھمڻ يا شودر جو ٺپو ھڻڻ ڪا فضيلت واري ڳالهه ناھي ٿيندي. ھتي مون کي ڪافي سال اڳ خيرپور جي ھڪ ادبي ميلي ۾ پڇيل سوال ياد پوي ٿو، جنھن ۾ پڇيو ويو ھئو ته آخر ڪھڙو لهجو درست آھي؟ جنھن تي مان جوابيو ھئو ته: جيئن ڪنھن ڀاڳيي کي چار پٽ ھجن، جن مان ھڪ قد جو ننڍو ته ٻيو ڊگهو ھجي.

ھڪ ٿورو گورو ته ٻيو وري سانورو ھجي ته کين ڏسي جيڪڏھن اوھان ان ڀاڳيي کان پڇو ته تنھنجي پٽن مان ڪھڙو پٽ “درست پٽ” آھي ۽ ڪھڙو غلط، ته سوچيو ان ڀاڳيي مٿان ڇا گذرندي؟ ھاڻي اوھان ان ڀاڳيي جي اک سان سان ڏسو ته ٻوليءَ جا لهجا به اولاد جيان ئي ته ٿيندا آھن، ڪي ننڍا ته ڪي وڏا؛ ۽ انهن لھجن جي ڪري ئي ته ٻولي آسودي ۽ ڀاڳواري سڏائيندي آھي.

contact@amarfayaz.com

Copyright @2024 Sindhi Language Library. All Rights Reserved by Sindhi Language Authority

Powered by Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering