گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بيھڪ - امر فياض ٻرڙو

گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بيھڪ

گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بيھڪ
امر فياض ٻرڙو
گذريل سال سنڌي ٻوليءَ کي مشيني سرشتن ۾ آڻڻ لاءِ ٻه اھم اڳڀرايون ٿيون آھن، جن ۾ ھڪ ته مائڪروسوفٽ جي ترجميڪار سرشتي “بِنگ” ۾ سنڌي ٻولي داخل ڪئي وئي آھي، جتي سنڌي ٻولي بھترين نموني سان دنيا جي سوا سئو ٻولين ۾ خودڪار ترجمو ڪري سگهجي ٿي ۽ ٻي خبر اھا آھي ته گوگل جي باري ۾ آھي، جتي گوگل پنھنجي ترجميڪاريءَ واري سرشتي ۾ مصنوعي ذھانت استعمال ڪندي ڪافي ٻولين جو ماڊل ٺاھي ان کي بغير انٽرنيٽ جي يعني آف لائين به ترجمي لائق بڻائي ڇڏيو آھي، تن ٻولين ۾ سنڌي ٻولي پڻ ھڪ آھي، جيڪا ھڪ انتھائي ڀلي ڳالهه ٿي آھي. ھن نئين ترجميڪاريءَ کي استعمال ڪندي اسان اھو محسوس ڪيو ته گوگل پنھنجي ترجميڪار سرشتي ۾ پراڻي پروگرامنگ کي مصنوعي ذھانت جي جيڪا ٽيڪ ڏني آھي، ان سان ترجمن جو معيار ھڪ ئي ڌڪ ۾ الائي ڪيترا ڀيرا بھتر ٿي ويو آھي. مثال اڳي گوگل لفظ لفظ جو ترجمو ڪري پوءِ ڪميونٽيءَ پاران ڏنل ماڊل طور جملن جي بيھڪن (فائل، مفعول ۽ فعل سان گڏ گرامر جي ٻين لفظن جي ترتيب) آڌار جملا ٺاھي ترجمو ڪندي ھئي، جيڪو طريقو ايڏو معتبر نه لڳندو ھئو. ڪڏھن ڪڏھن ته ترجمو ته پري جي ڳالهه پر لطيفو ٺھي ويندو ھئو، جنھن تي سنڌ جي ڪافي سڄاڻن وٽ گوگل ترجميڪاريءَ بابت وسوسا ھوندا ھئا ته ان تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. پر ھاڻي مصنوعي ذھانت جي ڪري گوگل ترجميڪاري پراڻي طريقي تي نه ٿي ھلي پر ان جو ھڪ ڳجهو سرشتو حرڪت ۾ اچي ويو آھي، جيڪو سمجهڻ ٿورو ڏکيو لڳندو پر ھيٺ سولو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
ٿئي ائين ٿو جو ھاڻي گوگل اوھان جي ڏنل 5000 اکرن تي مشتمل مضمون جي سڄي متن کي اڳواٽ ڏنل معنائن سان ڀيٽي، وري انٽرنيٽ تي موجود ڊيٽابيسن مان ويجهو ملندڙ جملن سان ڀيٽي ٿي. ان کان پوءِ وري مصنوعي ذھانت آڌار ترجمو ڪري اوھان سامهون رکي ٿي. ھاڻي ھيڏو ڊگهو چڪر ھڪ سيڪنڊ جي پنجاھين حصي ۾ طئي ڪري اوھان سامهون نتيجو ڪڍي ڏيندڙ گوگل پوري دنيا ۾ اوھان جيان ٽي ارب ماڻهن سان ساڳي ئي سيڪنڊ ئي ڪم ڪري ٿي. ايڏي تڪڙي اڪلاءَ ھوندي به سچ اھو آھي ته ھاڻي گوگل جي ترجميڪاري پنجانوي سيڪڙو کان مٿي تُز اچي رهي آھي. بس شرط اھو آھي ته اسان جو ڏنل مضمون ٻوليءَ جي قانونن ۽ فارمولن تي پورو لھندڙ ھجي، گرامر جي لفظن جو خيال رکيل ھجي ۽ اڌ دم يعني ڪوما، پورو دم يعني فل اسٽاپ جو پورو خيال رکيل ھجي. ان سان گڏ جملن ۾ “حرف جملي” جي لفظن جو درست استعمال ٿيل ھجي.
گوگل ترجميڪاريءَ مان بھترين نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ان سرشتي کي سمجهڻ لاءِ اسان ھتي ھڪ نموني جو مثال رکي رهيا آھيون ته جيئن اسان سمجهي سگهون ته گوگل بھترين ترجما ڪيئن ڪري سگهي ٿي. نموني خاطر اسان سنڌي ٻوليءَ جي ‘پنھنجي اخبار’ ۾ 15 مارچ تي ڇپيل ھڪ خبر جو ڪجهه متن ھتي ڪاپي ڪري گوگل جي ترجميڪاريءَ ۾ وجهي ڏسنداسين. خبر آھي:
”وزيراعظم شهباز شريف پي ايم هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي بهار جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام ملڪ کي موسمي تبديلي کان بچائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي، موسمي تبديلين سبب ملڪي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.“
مٿين متن جو گوگل انگريزيءَ ۾ ھي ترجمو ڪيو آھي:
“Prime Minister Shehbaz Sharif started the spring tree planting campaign by planting a sapling in the PM House. More than 10 thousand people have been killed”
اسان ڏٺوسين ته گوگل ھن پيراگراف ۾ مجموعي طور تي پوري اقتباس مان بس مکيہ ڳالهه کڻي چڱو ترجمو ڪيو پر جملن جي بيھڪن ۽ موسمي تبديلين واري جملي جا صفا لاھ ڪڍي ڇڏيا.
ھاڻي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته گوگل ان طرح سان ترجمو ڇو ڪيو؟ ڪٿي اصل متن ۾ گرامر آڌار ڪا کوٽ ته نه ھئي؟ تنھن کي جاچڻ لاءِ اسان پوري جملي جي بيھڪ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڏسنداسين ته جيئن ڳالهه سمجهي سگهجي. اصل متن ۾ پورو جملو ھيئن ھئو:
”وزيراعظم شهباز شريف پي ايم هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي بهار جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام ملڪ کي موسمي تبديلي کان بچائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي، موسمي تبديلين سبب ملڪي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن“.
مٿئين جملي جو اڀياس ڪبو ته اھو 59 لفظن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ گرامر جي حساب سان معيارن جو ڪو ايڏو خيال نه رکيو ويو آھي.
اوھان ڏسندئو ته ان رڳو خبر ۾ پھريون اڌ دم (ڪوما) جتي لڳل آھي، اتي اصل ۾ پورو دم (فل اسٽاپ) ھجڻ گهرجي ھا. وري “عوام” لفظ درست جڳھ تي رکيل نه آھي. اڃا اڳتي ڳالهه ته جملي جي وچ ۾ وڻڪاري مھم ۾ حصي وٺڻ لاءِ اتساھڻ کان پوءِ جيڪا بڇڙي صورتحال ايندي، ان اڳيان “ڇوته” حرف جملي طور ضرور ڪتب اچڻ گهرجي ھا، پر اھو استعمال نه ڪيو ويو ھئو. اھو سبب ئي ھئو جو جملن ۾ گرامر جي بيھڪن ۽ ٻولن جي درست جڳھن تي استعمال نه ڪرڻ سبب گوگل ترجمو ٽوڙيو ھئو. ھاڻي اچو ته گرامر آڌار مٿين خبر کي درست نموني سان لکي تپاسيون. سو گرامر ۽ ٻولن جي بيھڪن آڌار مٿين عبارت ھينئن ھجڻ گهرجي ھا:
”وزيراعظم شهباز شريف پي ايم هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي بھار جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ھن ان موقعي تي چيو ته: ملڪ کي موسمي تبديلي کان بچائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ عوام ڀرپور حصو وٺي ڇوته موسمي تبديلين سبب ملڪي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.“
ھاڻي جڏھن اسان مٿين عبارت ۾ گرامر جي بيھڪ بھتر ڪري خبر گوگل ۾ داخل ڪري ڏٺي سين ته گوگل ھينئن ترجمو ڪيو:
“Prime Minister Shehbaz Sharif started the spring tree planting campaign by planting a sapling in the PM House. He said on that occasion: People should take full part in tree planting campaign to protect the country from climate change, because due to climate change, billions of dollars have been lost to the country's economy and more than 10 thousand people have lost their lives.”
ھاڻي مٿين مثالن ۾ ڏسجي ته گوگل جو سنڌيءَ کان انگريزيءَ ۾ ڪيل ترجمو توڙي جو مشيني سرشتي پاران ڪيل آھي پر ان ھوندي به اھو “شاندار ترجمو” قرار ڏئي سگهجي ٿو. مٿين مثالن مان ھڪ نتيجو ٻيو به نڪتو ته گوگل پنھنجي ترجميڪار سرشتي ۾ مصنوعي ذھانت آڻي بھترين نتيجا ڏئي رهي آھي، پر انتھائي اھم ڳالهه “اصل متن جي صحت” آھي. جيڪڏھن اسان جو متن ٻوليءَ جي گرامري اصولن آڌار درست نه ھوندو ۽ نشانين جي بيھڪ درست جڳھن تي نه ھوندي ته مشيني ترجمي جي صحت متاثر ٿي ويندي.
اھا ڳالهه به سمجهجي ته گوگل پنھنجي ترجميڪار سرشتي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 2016ع جي فيبروريءَ ۾ آندو، جنھن کي گذري اڄ اٺ سال ٿيا آھن ۽ انهن اٺن سالن ۾ ھن وقت تائين گوگل جي تاڃي پيٽي ۽ جملن جي ڀنڊار (Corpora) جو ڪل تعداد ڏھ لک ئي آھي. جڏھن ته بھترين ترجمن لاءِ گهربل تعداد گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ملين يعني پنجويھ لک جملا ھجڻ گهرجي. ان ھوندي به سنڌيءَ کان انگريزي ترجمي جو درست ماپو پنجانوي سيڪڙي کان مٿي ئي آھي، جيڪا ھڪ ڀلي ڳالهه آھي.
اسان اھو محسوس ڪريون ٿا ته گوگل پنھنجي پروگرامنگ ۽ مصنوعات ۾ تمام گهڻو اڳڀري ٿيندي نظر اچي رهي آھي ۽ تازين اپڊيٽن کان پوءِ گوگل جي نمائندي جناب ھيروشي لاکمر پنھنجي پروفيشنل بلاگ ۾ اعلان ڪيو آھي ته: “ھن ئي سال گوگل ڪافي ڪرشماتي پروگرام لاھيندي”. جنھن کي ڏسي لڳي ٿو ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏن انقلابن جي موسم شروع ٿي وئي آھي، جنھن ۾ ڪافي شين جي نواڻ ته ٿيندي ئي ٿيندي پر ٻولين جي ترقيءَ جو دروازو پڻ کُلي پوندو، جنھن ۾ سرفھرست حيدرآباد ۾ قائم ثقافت کاتي سنڌ حڪومت جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ورڪس پاران قائم ڪيل اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ ۽ گوگل جي وچ ۾ ھلندڙ ڪاروباري معاھدن ۾ اھا اڳڀرائي پڻ ٿي آھي، جنھن ۾ ھاڻي مشين کي سنڌي ٻولي ٻُڌڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي جواب ڏيڻ جو اھل بڻائڻ جا پروگرام ٺھي رھيا آھن. دوستو! ھي سرشتو جڏھن آيو ته پڪ سمجهجو: سنڌي ٻوليءَ کي ڪو لھر نه لوڏو ھوندُوَ!
contact@amarfayaz.com
 

Copyright @2024 Sindhi Language Library. All Rights Reserved by Sindhi Language Authority

Powered by Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering