گهڻ ٻوليائپ جي دور ۾ سنڌي ٻولي ...! - نور احمد جنجهي

گهڻ ٻوليائپ جي دور ۾ سنڌي ٻولي ...!

گهڻ ٻوليائپ جي دور ۾ سنڌي ٻولي ...!
نوراحمد جنجهي
انسان کي تخليق دوران علم عطا ٿيو ۽ ان کان پوءِ ان کي اظهارڻ جي سگهه يعني بيان ڪرڻ سيکاريو ويو. انسان جي بيان ڪرڻ جي اها سگهه ويراوير وڌندڙ ۽ اُسرندڙ آهي ڇاڪاڻ ته ان پويان انساني دماغ آهي جيڪو علم جو گنج آهي . ماڻهو ڪڏهن انهي گنج کي ناڪاري رخ ۾ ڪتب آڻي ، گنج کي گند ۾ تبديل ڪريو ڇڏي. ناڪاري واٽ ماڻهو اڄاڻائيءَ ۾ وٺندو آهي ته وري جڏهن پنهنجي چُڪ کي محسوس ڪندي ، موٽ کائيندو آهي ته سندس غلطيون ڌوپي وينديون آهن ، ٻئي طرف هو جڏهن هٻڇ ، لالچ ۽ مفادن جي جانور تي سوار ٿيندي اها واٽ وٺي ٿو ته کيس ڪير ئي نٿو لاهي ۽ اهي ڪوڏڙ جانور ئي کيس جڏهن پٽ سان هڻن ٿا ته پوءِ ئي کيس احساس ٿئي ٿو ته هو ڇا ڇا نه ڪري ويٺو آهي. اهڙي طرح ماڻهوءَ جي بيان جي سگهه جنهن گُر وسيلي اڳتي وڌي ٿي سو آهي سندس ٻولي. انسان جو ٻولڻ ۽ ٻولڻ جو سرشتو پيچيدو آهي جنهن ۾ مختلف عضوا حصو وٺن ٿا. عضون جي حرڪت ۽ ميلاپ جي جهيلار مان ٻوليءَ جا بنيادي ايڪا سرجن ٿا. ان سموري حرڪت پويان انساني ذهن جو تصورسازي به ڪار فرما آهي . انساني ذهن ۾ اکرن بدران تصويرن جي جاءِ آهي . اکرن جي سُڃاڻپ به سندن صورت پويان ٿئي ٿي. انسان پنهنجي ذهن جي تصور ۽ فطرت جي جنسار کي پاڻ ۾ ڀيٽيو يا رليٽ ڪيو ته ٻوليءَ جي صورت ۾ هڪڙو آوازن جو منظم سرشتو وجود ۾ اچي ويو.ٻوليءَ جي اها صورت شروع ۾ يقينن هڪ هوندي ۽ پوءِ هڪ مان گهڻائيءَ ڏانهن وڌي. اڄ دنيا ۾ ست هزار کان به وڌيڪ ٻوليون آهن جن جا ڳالهائيندڙ ، تعداد ، وسيلن ، طاقت کان هٽي ڪري ، پنهنجي پنهنجي ٻولين سان بيحد پيار ڪن ٿا. ٻولين سان پيار فطري آهي.
گهڻ ٻوليائپ اڳي به دنيا ۾ رهي پر هن وقت گهڻ ٻوليائپ جي اهميت ان ڪري به وڌي آهي جو دنيا مواصلاتي وسيلن جي ترقيءَ جي ڪري پاڻ وڌيڪ ويجهي ٿي آهي ۽ ڳنڍجي ويئي آهي. گهڻ ٻوليائپ جو سمورو عمل سماجي ويب سائيٽس ۽ ميڊيا ۽ مارڪيٽ وسيلي هڪٻئي ۾ ڏي وٺ ڪري رهيو آهي. ڏي وٺ مان مراد اثرن جي ڏي وٺ آهي. گهڻ ٻوليائپ جا سياسي پاسا به آهن ته لسانياتي پاسا پڻ. سياسي پاسو اهو آهي ته جن ٻولين جو مارڪيٽ ۽ سياست تي قبضو آهي سي ٻين ٻولين کي ايئن ڳهي رهيون آهن جيئن ننڍي مڇي وڏين مڇين کي ڳهيندي آهي. گهڻ ٻوليائپ جي لسانياتي اثرن ۾ رابطي جي زبان جو اُڀرڻ ، هڪ لسانياتي ميدان ۾ مختلف ٻولين جي ملاوت ۽ ثقافتن جي آرپار حڪمت عمليون ۽ ڏي وٺ جا گر جڙن ٿا. گهڻ ٻوليائپ جي ڪري ثقافتي سجاڳي پيدا ٿئي ٿي ۽ ثقافتي سجاڳيءَ جي قدرداني ٿئي ٿي. تعليمي ۽ تدريسي قدر ۾ واڌارو ٿئي ٿو. تخليقيت جي اوسر ٿئي ٿي. سماج ۾ ٺهڪي هلڻ جو ڏان به اُڀري ٿو . سهيوڳي ٻولين جي قدرداني ٿئي ٿو.
گهڻ ٻوليائپ جي اهڙي گلبلائيزڊ دور ۾ مادري ٻوليءَ جي اهميت وڌي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪا گهڻ ٻوليائپ مادري ٻوليءَ کي محور بنائي هلي ٿي ان سان سماج ۾ سکيا ، سهپ ۽ امن وڌن ويجهن ٿا. مادري ٻولي ، جيئن ته انسان جي پهرين ٻولي آهي تنهنڪري انهي ٻوليءَ جو آوازي سرشتو صوتي سانچي جي جوڙجڪ کي جنم ڏئي ٿو.مادري ٻوليءَ بابت تحقيق ٻُڌائي ٿي ٻار جڏهن ماءُ جي ڳڀ ۾ آهي تڏهن کان هو آواز ٻُڌڻ لڳي ٿو. جنم وٺڻ کانپوءِ سندس ماءُ کيس آوازن وسيلي فطرت جي جنسار توڙي انساني سماج جو سير ڪرائي ٿي. اهي صوتيا نه رڳو انسان جي تصورائڻ واري عمل کي سونهائين ٿا پر اڳتي هلي هو جيڪي ٻوليون سکي ٿو تن کي ميدان ٺاهي ڏين ٿا.ماڻهوءَ جو سوچڻ ، سمجهڻ ، خيال ڪرڻ ، خواب ڏسڻ سندس مادري ٻوليءَ ۾ آهي. جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ سان سندس مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ته هو راحت ڀري ويجهائي محسوس ڪري ٿو. مادري ٻوليءَ جو سلو پيار جي ٻج مان سرجي ٿو. شيخ اياز مادري ٻوليءَ بابت چيو آهي ؛
جيڪا ٻولي ٿَڃُ سان ، تنهنجي پيٽ پئي
ساتو ڪيئن ڪئي، اڄڪلهه آهي اوپري
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهن چوندين ماءُ
توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي
مادري ٻولي سماج جي ڳانڍاپي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. گهر، پاڙو ، ڳوٺ ۽ ست راڄي مادري ٻولين جي پريت ڀرئي تندڻ سان ڳانڍاپجي ، جُڙيل سماج اڏين ٿا. شادي مرادي ، ڀت پوت ، مرڻا پرڻا سڀئي سماجي گڏجاڻيون آهن جن ۾ مادري ٻولي ماڻهن کي هڪٻئي سان ويجهو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪرت ڪاري ، ڪاريگري ۽ هنر، وڻج واپار توڙي ٻين زندگيءَ جي شعبن ۾ مادري ٻولين جي ڪردار کي مڃيو ويو آهي.
مادري ٻولي تعليم ۽ تدريس جي ميدان ۾ اهم ڪردار نباهي ٿي. جيڪا تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي سا معصوم ٻار جي ڪوري ذهن تي ٽامي اکر ٿي اُڪري وڃي ٿي ۽ سڄي عمر موجود رهي ٿي. ان ڪري ئي پرائمري تعليم مادري ٻولين ۾ ڏيڻ جي صلاح آهي. ٻار جا سمورا تصور انهي عمر ۾ پختا ٿين ٿا. هو جنهن تجربي ۽ واردات مان گذري ٿو تنهنجو اثر سندس سموري زندگي تي رهي ٿو. مادري ٻولي جي تعليم جو ابتدائي تعليم کان اڳ وار و اسڪول ته ماءُ جي هنج آهي. ٻوليءَ جي ميدان ۾ ٻار اُتان کان سکي روانو ٿئي ٿو ۽ اسڪول اچي ٿو. ماءُ جي هنج ۾ ورتل تعليم ۽ تربيت جو گهڻو حصو رضاڪاراڻو ۽ سرهائي ٻڌل ۽ مزيدار هوندو آهي جڏهن ته ٻاهرين تعليم جبر جي اصول تحت بنا ڪنهن چونڊ ڏيڻ جي داخل ڪرايو ويندو آهي. اهوئي سبب آهي جو پهرئين ڏينهن هر ٻار اسڪول ڏانهن روئندو ويندو آهي. ماءُ جي هنج ڇڏي ، اڻ ڏٺي سفر تي اُسهڻ کيس ڏکيو لڳندو آهي. انهي اڙانگي سفر ۾ مادري ٻولي ٻار جي سمجهڻ سگهه ٿي ، ان جي خيال جي دنيا تي سانوڻ جو باد ٿي وسي ٿي.
سنڌي به دنيا جي قديم مادري ٻولين وانگرهڪ تاريخي ٻولي آهي جنهن جو هر دور ۾ انهي دور جي گهڻ ٻوليائي سرشتي سان ڳانڍاپو رهيو آهي. سنڌي پنهنجي لفظن جو ذخيرو ٻين ٻولين جي وڻندڙ لفظن سان مالامال ڪندي رهي آهي ته پنهنجا ٻهڳڻ ٻول ٻين ٻولين کي ڏيندي رهي آهي. اهڙي ٻهڳڻ لسانياتي پس منظر جي ڪري سنڌي ٻوليءَ پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي ۽ مادري ٻوليءَ طور سنڌي سماج جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي شاهوڪاري ، انهي جي صوتياتي گهڻاگهڻي مان نروار ٿئي ٿي. آواز ن جي شاهوڪاري ۽ تنوع هر قسم جي آواز کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. سنڌي ٻولي سنڌي سماج جي سڀني طبقن جي فڪري اوسر جو اهم ذريعو رهندي آئي آهي . سنڌي ٻوليءَ جو علمي ادبي ورثو ....ڳالهايل ۽ لکيل .... سنڌي سماج کي ڄاڻ سان مالامال ڪندو رهيو آهي ۽ انهي گنج ۾ اهڙي ڏيا آهي جو اڻ سنڌي سماجن جي ماڻهن جو ڌيان به ڇڪائي ٿو. اهي سنڌي ٻولي سکن ٿا ۽ سنڌي علمي ادبي ورثي کي پنهنجي ٻولين ۾ ترجمو ڪن ٿا. سنڌي ٻولي پڙيءَ يا منڊيءَ جي ٻولي هجڻ جي ڪري وڻج واپار جي ٻولي به آهي . سنڌي ٻوليءَ کي مادري ٻوليءَ جي حيثيت ۾ گهڻ ٻوليائپ جي دور ۾ ترقي وٺرائڻ لاءِ ٻن ادارن تي ڌيان ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي. هڪ پرائمري اُستاد ۽ ٻيو ماءُ. ٻنهي کي نه رڳو ٻولي پڙهڻ گهرجي پر ٻنهي جي ٻوليءَ ۾ تربيت هئڻ گهرجي يعني ٻوليءَ جو بنيادي مزاج کين سيکاريو وڃي. ماءُ ۽ استاد جو جهڙو مادري ٻولي يا ٻولين سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جو معيار هوندو سکندڙ انهي انداز جي ٻولي پڙهندا، سکندا ، ڳالهائيندا ۽ لکي سگهندا. سموري سماج ۾ ٻولي ڳالهائڻ جي ترغيب ۽ سُچيتائيءَ سان ٻولي ڳالهائڻ جي همٿ افزائي ڪندي ، سهيوڳي مادري ٻوليون ڳالهائڻ وارن سان سولي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ کي فروغ ڏنو وڃي. سائنسي . فني ۽ تجارتي لفظن ۽ اصطلاحن جي گهڙ ڀڃ لاءِ سنڌي سماج کي اُپتدائڪ ٿيڻو پوندو. ٻوليءَ ۽ ادب بابت ڪم ڪندڙ ادارن کي ٻولي جي ترويج ۽ ترقيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سهيوڳي مادري ٻولين ڏانهن دوستاڻو رويو رکڻ گهرجي. فطرتي گهڻا گهڻي ۽ لسانياتي گهڻا گهڻي جي مطابقت بابت تحقيقي ڪم ڪري ، ٻوليءَ جي نظريئي توڙي ڦير گهير جي عمل کي نروار ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي ، مادري ٻولي طور سندس ڳالهائيندڙن جي بنيادي حقن جي محافظ آهي. ٻولي ، ادب ، ثقافت ۽ ميڊيا جي ادارن جي معيار کي بهتر بنائڻ گهرجي . ٻوليءَ بابت تحقيق، سنڌو مهرن جو پڙهجڻ ۽ الف بي کي آوازي شڪل سان مطابقت ڏيڻ، ترجميڪاريءَ جي ڪم جي ترقي، مائرن جي تربيت ، ٻوليءَ جي قانون جو نفاذ ۽ گهڻي وقت کان اٽڪيل ٻولين جي بل جو پاس ٿيڻ اهڙا ڪم آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي مضبوط ڪندا ۽ اها هن گلوبلائيزڊ دنيا جي گهڻ ٻوليائپ واري سماج ۾ پنهنجو اهم ڪردار نباهيندي رهندي.
ڪو جو چوي ايئن، تنهنجي ماءُ مري ويئي
۽ توکي ڳوڙها اچن ، اهو ٻُڌڻ سيئن ٻولي تنهنجي تيئن ، آهي امڙ وانگيان (شيخ اياز)
No photo description available.
 
 
 
All reactions:
2222
 

Copyright @2024 Sindhi Language Library. All Rights Reserved by Sindhi Language Authority

Powered by Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering