ڌرتي ٻولين جو بين االقوامي ڏهاڙو، سال ۽ ڏهاڪو
ڌرتي ٻولين جو بين الاقوامي ڏهاڙو، سال ۽ ڏهاڪو
INTERNATIONAL MOTHER-LANGUAGES DAY
21 February every year
INTERNATIONAL MOTHER LANGUAGES YEAR
2008 & 2019
INTERNATIONAL DECADE OF INDIGENOUS LANGUAGES 2022-2031
(IDIL2022-2032)
ڪجه ذاتي يادگيريون - ڪجه مشاهدا
اڄ 21 فبروي 2023 آهي. جنهن کي هر سال جيان سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جي بين الاقوامي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي. ساڳي ڏينهن 21 فبروري 1952 تي ڍاڪا ۾ بنگالي ٻولي کي پاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ڪرڻ لاء بنگالي شاگرد هڪ پرامن مظاهرو ڪري رهيا هيا. مظاهرو ڪندڙن مٿان پوليس بنا ڪنهن اشتعال جي فائرنگ ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ پنج نوجوان ابل برڪات، عبدالجبار، رفيع الدين احمد، عبدالسلام ۽ شفيع الرحمان شهيد ڪيا ويا ۽ ٻيا ڪيئي زخمي ڪيا ويا. شهيدن جي خون رنگ لاتو. 29 فبروري 1956 تي پاڪستان جو پهريون آئين لاڳو ڪيو ويو. جنهن جي آرٽيڪل (1)214 موجب بنگالي کي به پاڪستان جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي تسليم ڪيو ويو. نوٽن تي ته بنگالي ٻولي لکي وئي پر نوٽن جي مالڪي تي بنگالين جا حق پوء به غضب ٿيل رهيا. ٻولي جي چڻنگ ڀڙڪي ڀڀڻ ٿي ۽ 16 ڊسمبر 1971 تي بنگالين پنهنجي آزادي هڪ ڊگهي ۽ خوني جنگ کي منهن ڏيندي حاصل ڪئي. ٻولي جي مسئلي جي بنياد تي مسلم دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ وڏي ذلت سان ٻه ٽڪر ٿي ويو. پاڪستاني بنگال جيڪو پوء بنگلاديش بڻيو، توڙي انڊين بنگال ٻئي 1952 کان پوء هر سال 21 فبروري کي ٻولي جي شهيدن جو ڏهاڙو ڪري ملهائيندا رهيا.
اڳتي هلي بنگلاديش جي ورتل تحرڪ تي 17 نومبر 1999 تي يونيسڪو هر سال 21 فبروري کي بين الاقوامي گهڻ لساني ۽ گهڻ ثقافتي ڊائيورسٽي جي شعور وڌائڻ ۽ گهڻ لسانيت کي مڃتا ڏئي وڌائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جي رسمي منظوري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2002 ۾ پنهنجي پاس ڪيل قرارداد نمبر 56/262 وسيلي ڏني. 16 مئي 2007 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ ٻي قرارداد 61/266 پاس ڪئي. جنهن ۾ گڏيل قومن اهو واضح ڪيو ته مادري ٻولين جو ڏهاڙو هڪ وسيع تر پيشقدمي جو حصو آهي، جنهن تحت دنيا جي سمورن ماڻهن پاران ڳالهائي ويندڙ سمورين ٻولين جي تحفظ ۽ واڌارن جا بندوبست ڪرڻا آهن. هن قرارداد وسيلي سال 2008 کي “مادري ٻولين جي بين الاقوامي سال” طور ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وري ٻيو دفعو گڏيل قومن 2016 ۾ هڪ قرارداد 71/178 پاس ڪري سال 2019 کي ڌرتي ٻولين جو بين الاقوامي سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن سال جي پڄاڻي تي 18 ڊسمبر 2019 ۾ گڏيل قومن هڪ ٻي قرارداد 74/135 پاس ڪري ڌرتي ٻولين جو بين لاقوامي ڏهاڪو 2022 کان 2032 تائين ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
INTERNATIONAL DECADE OF INDIGENOUS LANGUAGES 2022-2032
يونيسڪو 13 ڊسمبر 2022 تي ڌرتي ٻولين جي بچاء، واڌاري ۽ اهميت بابت پنهنجو ڏهاڪو ملهائڻ بابت هڪ وڏو ايونٽ ڪري ان جا تفصيل جاري ڪيا آهن. جنهن تحت 2022 کان 2032 تائين ڌرتي ٻولين جي حق ۾ هڪ وڏي عالمي مهم شروع ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ دنيا جا 193 ملڪ ۽ انهن جا 700 کان وڌيڪ ادارا سرڪاري طور تي شامل آهن. هن مهم جي شروع ٿيڻ سان ئي يونيسڪو ۽ ٻين شامل پوري دنيا جي ادارن ٻولين بابت وڏي سائنسي ڄاڻ پڌري ڪئي آهي. ايندڙ ڏهن سالن ۾ اها مهم ڌرتي ٻولين جي حقن کي گهڻو اڳتي کڻي ويندي. يونيسڪو جي دعوا آهي ته انهن ڏهن سالن ۾ ڪوششون وٺي دنيا جي ڪنهن به ٻولي کي پوئتي رهڻ نه ڏنو ويندو.
يونيسڪو جي هن ڏهاڪي جي شروعات ۾ ئي ٻولين بابت واڌارو نت نئون علم ترتيب ڏئي مهيا ڪري ڏنو ويو آهي. اسان سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري مان اميد ٿا رکون ته هن ڏهاڪي ۾ عالمي سطح تي جيڪو به مواد ايندو رهي، انکي ترجمو ڪري پنهنجي ويب سائيٽ تي رکندا هلو. ساڳي وقت اسان سنڌ جي تعليم، ڪلچر، يونيورسٽ ۽ بورڊ کاتن، سنڌ جي سمورين يونيورسٽين، پرائيويٽ تعليمي ادارن مان به اميد رکون ٿا ته اهي به عالمي پيشقدمي جو حصو بڻجن ۽ 2032 تائين مادري ٻولين جي استعمال، واڌاري ۽ انهن ۾ تعليم ڏيڻ بابت يونيسڪو جي گهرجن موجب سرگرم ڪردار ادا ڪن.
ڪجھ ذاتي يادگيريون ۽ ڪجھ مشاهدا:
پاڪستان جي تاريخ جا پهريان 20 سال 4 مارچ 1967 تائين سنڌين لاء تمام گهڻين مصيبتن ۽ ڏولائن وارا هيا. تنهن کانپوء پاسي پلٽ جي شروعات ٿي. قمبر جي مين پرائمري اسڪول ۾ مان پهرين درجي ۾ داخل ٿيس ته ڪجھ مهينن کانپوء منهنجي وڏي ڀيڻن جي چوڻ تي مونکي سنڌي ميڊيم ڪلاس مان ڪڍي اردو ميڊيم ڪلاس ۾ ويهاريو ويو. سندن خيال هو ته مان اڙدو پڙهي وڏو ٿي صاحب ٿيندم. وري ڀينرن شلوار جي جاء تي پاجامو به ٺهرائي ڏنو. جيڪو مون پائڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ وجه وٺي گهر ۾ ان کي ٻچي وٽان ڪينچي سان ڪتري ڇڏيم. نئون نئون اسڪول ۾ داخل ٿيڻ طبيعت تي هڪ وڏو بار هو، مٿان وري سنڌي ماحول مان ڪڍي ولائتي ماحول ۾ اڇلايو ويم. انڪري ويتر تعليمي سرگرمي ٻوساٽيندڙ ۽ ويڳاڻپ واري رهي. پنجئي پرائمري درجا اڙدو ميڊيم پڙهي. پوء ڇهين ۽ ستين جماعت قمبر هاء اسڪول ۾ سنڌي، انگريزي، عربي ۽ اردو ڳاڏڙ مضمون پڙهيا. ان عرصي ۾ فارسي زبان جا به سبق بابا جي دوست حڪيم مولوي عبدالقادر عباسي صاحب کان قمبر ۾ وٺندو رهيم. پوء اٺين کان پيٽاري ۾ انگريزي ميڊيم هوندي، هڪ مضمون سنڌي ۽ ٻيو سليس اڙدو به پڙهندو رهيم. ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم نه ملڻ سبب اڄ به اڪثر پنهنجي لکڻين ۾ ڳ-ڱ، ڃ-ڄ، ۽ ڍ-ڌ اکر لکڻ ۾ مونجهارا ٿيندا آهن. پرائمري سنڌي زبان ۾ نه پڙهڻ جي ڪري منهنجو گرامر ۽ جملن جي جوڙجڪ به ڏاڍي غلط، غير معياري ۽ غير ادبي هوندي آهي. شابس آهي منهنجن پڙهندڙن کي جيڪي هاڻي ان بي مزاج سنڌي کي پڙهندي پڙهندي مون پاران مطلب جي ڳاله جو تت گهڻو سمجهي وڃن ٿا. منهنجا نوان پڙهندڙ يا مونکان اڻواقف پڙهندڙ منهنجي لکڻين مان منهنجي گهٽ، پنهنجي سمجه موجب معنئ ۽ مطلب ڪڍندا رهن ٿا. پرائمري سنڌي نه پڙهڻ جي ڪري انهن اوڻاين مان، ڪوشش ڪرڻ کان پوء به سڌارا گهٽ اچن ٿا. سڀ کان وڌيڪ مونسان مسئلو خيالن کي ترتيب سان پيش ڪرڻ ۾ ٿئي ٿو، خاص ڪري ڪچهريون ۽ تقرير ڪرڻ مهل. ڪٿي پڙهيو هيم ته جڏهن پکي ڄمندا آهن ته هڪ مخصوص لمحي مهل انهن کي اڏرڻ سيکاربو آهي. اهو لمحو گذري ويو ته پوء اهي رهجي ويل پکي ڪڏهن به اڏرڻ سکي نه سگهندا آهن.ارتقا جي بائلاجي پڙهندي به اهو معلوم ٿيو هيو ته جن species ڪنهن خاص موڙ تي ارتقا جا ڏاڪا نه چڙهيا سي اتي ئي رهجي وڃن ٿا. جيئن ڪي ڀولڙا ارتقائي عمل ۾ اڳتي وڌي انسان ٿيا. جيڪي ان وقت رهجي ويا سي لکين سال گذرڻ کانپوء به ڀولڙا ئي آهن.
سنڌي ٻولي، قومي ٻولي....
ٻولي جي هلچل هلندي 1969 ۾ قمبر ۾ منصور عالم ابڙو ۽ طارق عالم ابڙو بک هڙتال تي ويٺا. مان به ان ڪيمپ کي ڏسڻ ويم. جتي سائين اياز عالم ابڙي مونکي سڏ ڪري مارڪر سان منهنجي قميص تي کاٻي پاسي ڇاتي مٿان سهڻن اکرن ۾ “سنڌي ٻولي، قومي ٻولي” لکي ڇڏيو. اهي لفظ قميص کان اندر دل ۾ جهٽ پٽ اهڙا اڪرجي ويا جو اڄ ڏينهن تائين تازا موجود آهن.
ٻولي هلچل هلندي انهن ڏينهن ۾ رنگيلي آمر يحيا خان شڪارپور سنڌ مان هڪ معتبر سياستدان کي پاڻ وٽ گهرائي چيو ته کيس اها ڳاله سمجه ۾ نٿي اچي ته ڇو رڳو سنڌي ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپائڻ لاء گوڙ ڪن پيا، جڏهن ته ٻيا سڀ ان بابت خاموش آهن. رنگيلو يحيا خان نه رڳو ٿلهي عورتن جو شوقين هيو پر هن مدهوش رهندڙ جنرل جو ميڄالو به موٽو هيو. سندس ذهني سطح کي ڏسندي هن معتبر سنڌي سياستدان کيس ان جي سطح تي اچي سمجهايو ته اهو سنڌين لاء انتهائي ضروري آهي ته ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇاپيو وڃن. ڇاڪاڻ جو سنڌين مان گهڻن جا نالا ٻڍو ۽ ٻڍي رکيل هوندا آهن. جيڪي اردو ۾ بدو ۽ بدي ڪري لکيا ويندا. جن جي معنئ سنڌي ۾ انساني مخصوص جنسي عضوي جي آهي. اڙدو ۾ لکيل، پولنگ مهل اهي نالا کڻي ووٽر کي سڏيو ويو ته جهيڙا ٿي پوندا. موٽي ميڄالي ۾ اهو دليل داخل ٿي ويو. اسانکي به پنهنجي ٻولي جي جائز حيثيت جي مڃتا لاء اهڙن دليلن جو سهارو وٺندي اهڙن اڪابرن سان منهن ڏيڻو ٿو پوي. بلوچي ۾ پاروتو ڏبو آهي ته اهو چئبو آهي ته ”شل توکي ڪو ڪم ظرف دشمن ملي”. اسان به چوطرف ڪم ظرفن ۾ وڪوڙيل رهيا آهيون.
سنڌي سنڌ ۾ سنڌي نه ڳالهائيندا ته ڇا اهي ٽنمبگٽو ۾ وڃي سنڌي ڳالهائيندا......
پاڪستان ۾ بالغ راء دهي جي بنياد تي پهرين اليڪشن 1970 ۾ ٿئي. اسيمبلين جا اجلاس 1972 کان شروع ٿيا. سنڌ اسيمبلي 7 جولائي تي سنڌي ٻولي جو بل پاس ڪيو. جيڪو نئين چونڊيل سنڌ اسيمبلي جو پاس ڪيل ٻيو نمبر ايڪٽ هيو. جنهن تي فسادين سنڌ ۾ خونريز فساد شروع ڪيا. جن جو خبرون منهنجي ڪچي ذهن تي خوف پيدا ڪيا. هڪ ڏينهن قمبر ۾ بابا سان گڏ گوشت-سبزي مارڪيٽ ۾ گڏ هيم. بابا کي خوف وچان چيم ته هڪ ڏينهن جو سودو نه، پر هفتي کن لاء وٺو. بابا سبب پڇيو، مون کيس چيو ته ٻولي فسادن جي ڪري لاڙڪاڻي ۾ ڪرفيو لڳو آهي، متان قمبر ۾ به فساد ٿين ۽ ڪرفيو نه لڳي. بابا حوصلو ڏيندي چيو ته هتي اهو نه ٿيندو. جولائي 1972 ۾ ٻولي فسادن هلندي ان وقت جي صدر ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ وڃي جلسا ڪري سنڌي ٻولي جي حق ۾ تاريخي تقريرون ڪيون هيون. جيڪي انوقت ريڊيو تي پڻ نشر ٿينديون هيون. اهي تقريرون هاڻي يوٽيوب تي موجود آهن. جيڪي ٻڌڻ ۽ سيني سان سانڍڻ جوڳيون آهن. شهيد ڀٽي سنڌي ٻولي جي بل بابت قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو هيو ته سنڌي سنڌ ۾ سنڌي نه ڳالهائيندا ته ڇا اهي ٽنمبگٽو ۾ وڃي سنڌي ڳالهائيندا؟ سندس چيل هي جملو تمام گهڻو مشهور ٿيو هو. سنڌ اسيمبلي 51 سال اڳ سنڌي ٻولي جو اهو قانون ته پاس ڪيو هيو، پر ان قانون تي مڪمل طور تي اڃان عمل نه ٿي سگهيو آهي. پاڪستان جي فاشسٽ رياست ۽ اسان وٽ آيل اترهندوستاني ان ڏس ۾ مسلسل رڪاوٽون وججهندا ٿا اچن. جنهن ۾ هو انت ناڪام ٿيندا. انهن فاشسٽ ٽولن جا ناجائز مفاد ان ڳاله ۾ آهن ته هو ڌرتي ٻولين ۽ ڌرتي ڌڻين کي پوئتي رکڻ لاء ولائتي ٻولي کي هن ملڪ مٿان مسلط ڪري رکيون اچن. ڌرتي ٻوليون ڪنهن به قوم يا ٽولي لاء هڪ مضبوط بنياد ۽ قوت جي حيثيت رکن ٿيون. ٻولين کي قومن جي جائز تاريخي حقن جي حاصلات جي جدوجهد ۾ ڪارگر هٿيار طور تي به ڪتب آڻي سگهجي ٿو. ته ساڳي وقت استحصالي قوتون ٻولين کي محڪوم ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن مٿان ناجائز طور تي مسلط ڪري پنهنجا فاشسٽ ۽ استحصالي مقصد به حاصل ڪن ٿيون. جنهن ۾ هو انت ناڪام ٿيندا. ان ناڪامي کي سامهون ڏسندي هو هڪ ٻئي ٽڪساٽ جو طلسم جوڙي ويٺا آهن. چون ٿا ته سندن استحصالي ٻولي پاڪستان جي رابطي جي ٻولي آهي.
رابطي جي ٻولي جي اصل حقيقت....
قمبر ۾ اسانجي پاڙي ۾ اصل فيصل آباد جو هڪ واپاري ڪٽنب رهندو هو. سي سڀ چٽي سنڌي ڳالهائيندا هيا. سواء ان گهر جي وڏور عورت ماسي صوبا جي، جيڪا امان جي ساهڙي به هئي. امان ۽ ماسي صوبا ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ ۾ عالمي توڙي ملڪي معاملن، اوڙي پاڙي جا حال احوال، سندن ڪاروبار ۽ اسان جي ذميداري جا مامرا، ساهرن جون گلائون ۽ پيڪن جون ساراهون مطلب ته دنيا جو هر موضوع تي دل ڀري خيالن جي ڏي وٺ جاري هوندي هين. دلچسپ ڳاله ته ماسي صوبا نج پنجابي ۾ ۽ امان نج سنڌي ۾ پاڻ ۾ ڳالهائينديون هيون. اسان حيرت ۾ سندن ڪچهري ٻڌندا به هيا سين ته کانئن پڇندا به هياسين ته ڪجه هڪ ٻئي جي ڳاله سمجهون به ٿا يا رڳو پنهنجي پنهنجي ڳاله پنهنجي پنهنجي ٻولي ۾ ڪري اٿو ٿا. ٻئي چونديون هيون ته هڪ هڪ لفظ هڪ ٻئي جو سمجهن ٿيون.
مان جرمني ۾ ڪجه سال رهيس. منهنجي نياڻي ڇهن سالن جي هئي ۽ پٽ ٽن سالن جو. ٻنهي کي اسڪول ۾ داخل ڪرايم. نياڻي لاء چيائون ته کيس جرمن زبان نٿي اچي انڪري ان کي ڪنڊر گارٽن ۾ نرسري ڪلاس ۾ رکندا، جيئن جرمن ٻولي جا بنياد پڪا ڪندي ته پوء کيس ٻي درجي ۾ سندس ساڳي عمر جي ٻارن سان داخل ڪندا. نرسري ۾ سندس ٽيچر کي جرمني کانسواء انگريزي سميت ٻي ڪا به زبان نه ايندي هئي. ٻن هفتن ۾ منهنجي نياڻي جرمن بنا ڪنهن رابطي جي زبان جي سکي، پنهنجن همعمر ٻارن سان ٻي درجي ۾ پڙهڻ لڳي. منهنجو پٽ جرمني ۾ پهريون دفعو اسڪول ۾ نرسري ۾ داخل ٿيو. جتي پڻ رڳو جرمن ٻولي هلندي هئي، انگريزي به بالڪل نه هوندي هئي. هفتي کان پوء مونکي اسڪول گهرائي چيائون ته اسڪول ٻارن کي سوين ميل پري وچ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ تي هفتي جي ٽوئر تي وٺي ويندا، جن ۾ منهنجو پٽ به سليڪٽ ڪيو ويو آهي. مون کانئن پڇيو ته هن کي ته سنڌي کانسواء ڪا ٻي ٻولي نٿي اچي، ڪو مسئلو ٿيس ته توهان سان ڪيئن ڪميونيڪيٽ ڪندو. هنن چيو ته اسان هن کي سليڪٽ ڪيو آهي. ڪميونيڪيشن جو مسئلو نه ٿيندو. ٻار هفتي گذاري خوش خوش موٽي آيو. اتي جيڪي جرمن زبان ۾ ٻاراڻيون آکاڻيون ۽ گيت ٻڌي ۽ ڳائي آيو ، سي اچي جرمن ٻولي ۾ ۽ سنڌي ترجمي سان اسان کي ٻڌائيائي. جرمني ۾ هڪ ڏينهن مان بس ۾ سوار ٿيم ته ڏٺم ته ساڳي بس ۾ منهنجي گهر واري ۽ هڪ جرمن عورت ڪچهري لايون ويٺيون هيون. منهنجي گهرواري انگريزي ۾ ته، ته وري جرمن عورت جرمن ٻولي ۾. گهر پهچي پڇا ڪيم ته ڪجه هڪٻئي جي ڳاله سمجهيو به پيا يا ائين ئي بنا هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڌم لاتيون ويٺيون هيئو. منهنجي گهر واري وراڻيو ته اسان عورتون هڪ ٻئي جون ٻوليون سمجهي وٺنديون آهيون.
مٿيان ڪجھ ذاتي تجربا هت ان لاء پيش ڪيل آهن ته جيئن پاڪستان جي پسمنظر ۾ رابطي جي ٻولي جي ٿيندڙ ذڪر پويان رکيل راز کي سمجهي سگهجي. اڙدودانن جي دعوا آهي ته اها ٻولي ڪجھ صديون اڳ منظر تي آئي. ان صورت ۾ هن سموري خطي جا عام ماڻهو جيڪي پنهنجيون ڌرتي ٻوليون هزارين سالن کان ڳالهائيندا هيا ته انهن جي وچ ۾ رابطي جو ٻولي ڪهڙي هئي يا ڪا به نه هئي. يا هن سوال کي اڃان محدود ڪري ڏسجي ته هن خطي جا عام ماڻهو جيڪي سنڌي، سرائڪي، پنجابي، هزارا، ڪوهستاني، ڪشميري، پشتو، گجراتي، راجسٿاني، بلوچي، براهوي ۽ ٻيون ڪيئي ڊزن مادري زبانون ڳالهائيندا رهيا آهن، ساڳي جاگرافيائي خطي ۾ رهندا آيا آهن. سماجي، اقتصادي، مذهبي، زرعي ، هنري، درسي ۽ ٻين گهڻن حوالن سان ويجهڙائي وارا رشتا مضبوطي سان ٺاهي رکيا اٿن، انهن جي رابطي جي زبان ڪهڙي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ اسان جي رائيس مل هوندي هئي. سياري ۾ اتي هڪ افغاني مهرالله جان افغانستان مان اچي هڪ ننڊڙي جهوپڙي ٺاهي پنهنجن ٻن ننڊڙن بارن ڌيء مڪي ۽ ننڊڙي پٽ سان اتي اچي رهندو هو. سندس گهرواري گذاري وئي هئي. هو سڄو سيارو بيلچي سان کاٽي جو ڪم ڪندو هو. سڄي تر جي ماڻهن سان سنڌي ۾ ڳالهائيندو هيو. اسان سندس هم عمر ٻارن سان گڏجي رانديون ڪندا هيا سين ۽ گڏ قهوو ڳڙ ۽ ٿلهي روٽ سان کائيندا هياسين، ۽ پاڻ ۾ سنڌي ۽ ڪجه پشتو ۾ ڳالهائيندا هياسين. بنا ڪنهن رابطي جي ٻولي جي. سياري ۾ ڪجه افغاني قمبر ۾ اچي کجين جي پتن سان تڏا، نکون ء ڇليون ٺاهيندا هيا، سي پڻ سنڌي ۾ ئي پنهنجو ڌنڌو ڪندا هيا. خضدار مان سياري ۾ هڪ وڏو تعداد براهوي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو ايندو هو، جيڪي ڏاندن جي جوڙي سان ڪيڻ جو ڪم ڪندا هيا. انهن کي به ڪنهن اوپري رابطي جي ٻولي جي ضرورت نه پوندي هئي. گرمين ۾ گهڻا سنڌي ماڻهو خضدار ۽ ڪوئيٽا وڃي رهندا هيا، ڪجھ سرندي وارن ماڻهن جا اتي گهر پڻ هوندا هيا، اتي وڃي به ڪنهن ولائتي رابطي جي ٻولي ڪتب نه آڻيندا هيا. رونبو، لاب، ڦٽين جي چونڊائي، انبن ۽ کجين جي باغن توڙي ٻين گهڻن هنرن ۾ موسمي توڙي سڄي سال جي ڪرتن ۾ هن خطي جا مختلف ماڻهو اڄ سوڌو سفر ۽ عارضي لڏپلاڻ جي حالت ۾ رهندي پنهنجي پنهنجي ٻولين ۾ له وچڙ ۾ رهن ٿا. هن خطي جا ماڻهو پاڻ ۾ مٽن مائٽين ۽ گڏيل ذاتين وسيلي به جڙيل آهن. انهن سماجي عملن ۾ هو ڪنهن ڏورانهين ڏيهن جي ولائتي ٻولين جا محتاج نه آهن.
پوء هاڻي اسان مٿان ڪنهن ولائتي ٻولي کي رابطي جي زبان جو ٺپو هڻي مسلط ڪرڻ تي ڪجھ حلقا بضد ڇو آهن. ان ڳاله جو حقيقي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.
ٻوليون اسان جي پنهنجي سماجن جي اوسر، تاريخ، تهذيب، لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ آهن. جنهن جي قوت ۽ لوڪ ڏاهپ جون حدون مقرر ڪرڻ به اسانجي سوچن کان وڌيڪ اونهيون آهن. ساڳي وقت انسان کي پنهنجي ڌرتي ٻولين کان وانجهيل بڻائي، انهن کي انهن مٿان مسلط ڪيل ولائتي ٻولين وسيلي نيست نابود ڪرڻ وارو هٿيار به ڪو نئون نه آهي. استحصالي مقصدن لاء ٻولين کي استعمال ڪري جيڪي تاريخ ۾ ڏوه ٿيا آهن تن جو به جائزو وٺجي. برصغير ۾ انگريز راڄ قائم ٿيڻ کان اڳ ڪيئي صديون هن خطي مٿان فارسي ٻولي مڙهي ڌرتي ڌڻين مٿان ڌارين پنهنجو استحصالي راڄ جاري رکيو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مخصوص مفادن وارو ٽولو پيدا ٿيو. جنهن انگريز راڄ جي شروعاتي سالن فارسي جو سج لهندي ۽ هندوستاني ٻولي جي سرڪاري مڃتا شروع ٿيڻ سان ئي هٿرادو هندي اڙدو تنازعو کڙو ڪري، پنهنجي مستقل مفادن کي ٻولي ۽ لپي جي آڙ ۾ جاري رکڻ جون سازشون ڪيون. جنهن جي نتيجي ۾ هنن اتر انڊيا يا هندي اسپيڪنگ بيلٽ کي سماجي طور ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن مذموم حرڪت ۾ پنجاب جا مڪاني حڪمران به سندن ساٿاري رهندي پنهنجي ڌرتي ٻولي کي نظرانداز ڪندي، 1882 کان اڙدو جي آڙ وٺي پنهنجي مستقل ناجائز مفادن جو بنياد، ڌاري ٻولي وسيلي جوڙي ورتو. جيڪو پاڪستاني پنجاب ۾ اڄ سوڌو جوڙيل آهي.
ٻوليون سڀ خوبصورت ۽ پياريون هونديون آهن. علم ۽ ڏاهپ جو ڀندار هونديون آهن، ۽ ٻيو گهڻو ڪجه هونديون آهن. اهو سڀ ڪجه ٺيڪ هوندي به سدائين سڀني ٻولين سان ٺهڪندڙ ۽ ٺيڪ به ناهي. دنيا ۾ انيڪ مثال موجود آهن جو ٻولين وسيلي، ڪيئي قومن کي دفن ڪري هميشا لاء ختم ڪيو ويو. اسان جي پس منظر ۾ ڏسجي ته اڙدودانن پهريان اتر هندوستان ۾ ٻولي جي بنياد تي ماڻهن کي ورهايو، پوء وري پوري انڊيا جي ماڻهن کي مذهب جي بنياد تي فرقيواراڻي فسادن ۾ لپيٽيو، پوء انڊيا کي ٻه ٽڪر ڪيائون، پوء پاڪستان جي سمورين ڌرتي ٻولين مٿان مڙهجي هن ملڪ جا بنياد کوکليا ڪيائون، هي ملڪ ان ئي روش جيڪري 16 ڊسمبر 1971 تي ٻه اڌ ٿيو. اڃان به اڙدو دان پنهنجي مستقل مفادن جي حاصلات کي جاري رکڻ لاء اڙدو ٻولي کي هڪ ڪارگر هٿيار طور استعمال هيٺ رکيو ويٺا آهن.
پاڪستان ۾ ڌرتي ٻولين جي جائز آئيني، قانوني ۽ سرڪاري حيثيت جي مڃتا جي صورتحال وقت گذرڻ سان بهتر ٿئي پئي. ٻي پاسي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ٻولين جي تحفظ، واڌاري ۽ استعمال جا نت نوان مفت بندوبست مهيا ڪري ڏنا آهن. ساڳي وقت گڏيل قومن جي اڳواڻي ۾ دنيا جا سوين متحرڪ سرڪاري توڙي خانگي ادارن، ڌرتي ٻولين جي اهميت متعلق اڻڳڻيا بندوبست ڪيا آهن. جن کي پاڪستان جهڙي فاشسٽ ۽ غير جمهوري رياستون انت قبول ڪنديون. ٻيو ڪو رستو هاڻي وٽن موجود نه هوندو. ڌرتي ٻولين جي جائز حيثيت کي قبول ڪرڻ، انهن جي تحفظ، استعمال ۽ واڌاري جي راه ۾ سڀ رڪاوٽون ڍوڙ ٿينديون رهنديون. پنجابي ۽ پشتو ٻولين جي راھ ۾ پاڪستان جي رياست رڪاوٽون ڀلي جاري رکي، پر اهي ٻوليون انڊيا ۽ افغانستان ۾ جنهن تيز رفتاري سان اڳتي وڌن پيون ان کي بند ته نٿو ٻڌي سگهجي. انهن ٻنهي ٻولين جي ٿيندڙ ترقي بروقت سرحدون ٽپي پاڪستان ۾ داخل ٿيندي رهي ٿي.
پاڪستان ۾ اڙدو جي قومي ٻولي واري حيثيت هاڻي هڪ ڀوڳ بڻجي چڪي آهي. جنهن کي ڏسندي هاڻي وري هن کي رابطي جي زبان جو لباس پهرائي پيش ڪيو پيو وڃي ته جيئن ان آڙ ۾ ملڪ جي وسيلن خاص طور تي ملازمتن، سرڪاري ادارن، تعليم ۽ ڪاروبارن مٿان هڪ هٽي ساڳين استحصالي ٽولن وٽ برقرار رهي. اڙدو نه رابطي جي زبان آهي، نه قومي زبان آهي، نه اسلام جي زبان آهي. اها ته هندي زبان جو هڪ ٻيو نالو آهي، جيڪو انڊيا ۾ مسلمان حڪمرانن جي زوال واري دور کان استعمال هيٺ رهيو آهي. اڙدو پنهنجي ان سموري عرصي ۾ انتشار ۽ استحصال جي هٿيار طور ڪم آئي آهي. ان کي هڪ مٺي طلسم طور پيش ڪري اسان مان گهڻن ڏسڻ وائسڻ کي موڳو ۽ ذهني مفلوج ڪيو ويو آهي. اسان جڏهن به پنهنجي مادري ۽ ڌرتي ٻولين جي حقن ۽ مڃتا جي ڳاله ڪيون ٿا ته اڙدو اسان جي راهن ۾ رڪاوٽ بڻجي سامهون اچي ٿي.
نيٺ ڇا ڪجي......
پنهنجي ٻولي جي جائز حيثيت ، مڃتا، استعمال ۽ واڌاري کي پنهنجي ڪوششن جو مرڪز ڪجي، ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪجي. جديد ٽيڪنالاجي جي دنيا ان ڏس ۾ گوناگون بندوبست ڪيا آهن، جنهن جي استعمال جي ڪري اڄ اسان اهي دعوائون ڪيون ٿا ته هاڻي اسان جي ٻولي جي وجود کي ڪو خطرو ڪونهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي، تعليم، ٽيڪنالاجي، ڪلچر ۽ ميڊيا جا تمام گهڻا سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا ڪم ڪن ٿا جيڪي اسان جي ٻولي کي اڳڀرو ڪن ٿا. انهن سڀني کي وڌيڪ منظم، مربوط ۽ متحرڪ ڪري ترت نتيجا وٺي سگهجن ٿا. پاڪستان ۾ ٻين ڌرتي ٻولين جا مفاد اسانجي ٻولي سان هم اهنگ آهن. سنڌي ٻولي جي پاڪستان ۾ موجوده اڳتي وڌيل حثيت ٻين ڌرتي ٻولين لاء اتساه ۽ اڳواڻي واري آهي. اچو ته انهن کي به گڏيل مقصدن جي حاصلات لاء پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪندا، اڳتي وڌندا رهون.
مٿي ڪيل سموري بحث کي نظر ۾ رکندي اسان رڳو گڏيل قومن جي ڌرتي ٻولين جي بين الاقوامي ڏهاڪي 2022 کان 2032 (idil2022-2032) تائين ۾ شامل ٿي ڀرپور ڪوششون وٺون ته سنڌي ٻولي کي دنيا جي جديد ٻولين جي اڳين صفن ۾ بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اچون ته وڏا مقصد حاصل ڪرڻ بابت سوچيون ۽ اهڙو حوصلو پاڻ ۾ پيدا به ڪيون.
ڊاڪٽر علي گل ميتلو
لنڊن، 21 فبروري 2023