سنڌ ٻولي جو استعمال
سنڌي ٻوليءَ جي استعمال بابت مونجھارن کي منھن ڏيندڙ دوستن کي اڄوڪي ڪاوش ميگزين ۾ ھي ليک ضرور پڙھڻ گھرجي.
ميان گل محمد ڪلھوڙو
اڄوڪي دور ۾ سنڌ ٻولي جو استعمال ٻوليات يا لِسانيات هڪ انتھائي ڏکيو ۽ خُشڪ موضوع آهي. هن موضوع هيٺ سنڌي ٻوليءَ تي جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، سو عام ماڻهن جي سمجھ کان بِنھ مٿانھون آهي. اصل ۾ اهو ان ڪري، جو اهو سمورو ڪم، سنڌي ٻوليءَ جي بناوت، بڻ بنياد، تاريخ، ڪُٽنب، آواز، لھجن ۽ نظرين جھڙن خاص حوالن سان ته ٿيو آهي، پر ٻوليءَ جي عوامي سطح، مطلب عام ڳالھائڻ يا پڙهڻ، لکت ۾ يا ڳائڻ ۾ درست استعمال جي حوالي سان ڪين يا بنھِ گهٽ ٿيو آهي. جيڪو ٿيو آهي، سو به مخصوص تحقيقي جرنلن يا مقالن جي صورت ۾ ڇپيو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ تائين ته پري، پر عام لکندڙن ۽ پڙهندڙن تائين به ڪين پھتو آهي. سواءِ انھن صفا ٿورڙن ماڻھن جي، جيڪي ذاتي طور دلچسپي رکن ٿا. کڻي جو سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ٻوليءَ جي درست استعمال بابت ادارن کي پابند ڪرڻ لاءِ هر وقت لکت ۾ لھ وچڙ ۾ رهي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان ادارا نه ان جي اهميت کي سمجهن ٿا، نه اهميت ڏيندي عمل ڪن ٿا! نتيجي ۾ عام ماڻهو ته پري، پر لکندڙ پڙهندڙن جي اڪثريت به ٻوليءَ جي بگاڙ ۽ اُسرڻ جي فرق کي به نٿي سمجهي. ٻوليءَ جي درست استعمال جي سادن پر بيحد اهم قاعدن جو استعمال، ٽيڪسٽ بوڪ بورڊن جي ڪتابن ۾ ٿورڙي مقدار ۾ ٿيل ته آهي، پر وضاحتون يا سمجهاڻيون نه ڏيڻ سبب انھن تي غور ئي نٿو ڪيو وڃي ۽ اڄ ڪلھ جي استادن جي اڪثريت کي انھن قائدن جي ڄاڻ به ڪانه آهي، نه وري استادن کي ان بابت ڪا تربيت ڏني وڃي ٿي.
سڄي دنيا ۾ تمام گهٽ ماڻھو، ٻوليات جھڙي ڏکئي سبجيڪٽ جي مونجهارن يا گراميٽيڪل اسٽيڪچر واري پاسي مائل هوندا آهن، جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي عام يا لکت پڙهڻ واري واهپي واري پاسي نسبتن وڌيڪ ماڻهن جو ڌيان هوندو آهي، سو اسان وٽ به ائين ئي آهي. جيسيتائين سنڌي سماج نج هو، تيسيتائين سنڌي ٻولي وڌندي ويجهندي ترقي ڪندي سيني به سيني اڳتي وڌندي رهي. پر جڏھن سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري يلغار جي صورت ۾ وڌي ته ٻين ٻولين جي اثر سبب ٻوليءَ جو بگاڙ وڌڻ شروع ٿيڻ لڳو. پوءِ درست ٻولي نصاب جي ڪتابن، استادن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي لکت مان سکي وڃڻ لڳي. ان کان پوءِ ريڊيو، خاص ڪري ريڊيو حيدرآباد جي صداڪارن، ميزبانن، شاعرن به سڌي ۽ اڻ سڌي طرح درست ٻوليءَ جي درست استعمال ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. پر اڄ ڪلھ صورتحال اها آهي، جو هاڻ نصاب جي ڪتابن ۾ به گرامر جي ڪيترن ئي عام سادن قاعدن جو نه باقاعدي مستند استعمال ٿوٿئي ۽ غطيون به وڌنديون پيو وڃن، ۽ سکڻ جا ٻيا سمورا وسيلا خود بگاڙ جو شڪار آهن. تنهن ڪري نه صرف ڳالهائڻ، پر لِکت ۾ غلطيون ۽ مونجهارا وڌيا آهن. ٻُڌندا آهيون ته ٽيھ يا چاليھ ورهيه اڳ تائين گرامر جا ماهر استاد هوندا هئا، جيڪي شاگردن کي درست ٻولي ڳالهائڻ ۽ خاص ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندا هئا، پر هاڻ ائين ڪونھي!
اڄ جي دور ۾ ٻوليءَ جي بگاڙ جا سبب به گهڻا آهن، مثال طور: پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جو غلط استعمال، نجي اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ، ادارن ۽ آفيسن ۾ ٻين ٻولين جي استعمال ۾ واڌارو، مارڪيٽ جي زبان اردوءَ هجڻ ۽ ان سان گڏ انگريزي، بلوچي، سرائڪي، ٿري ۽ ٻين علائقائي لھجن سبب به بگاڙ وڌيو آهي. تنهن کان سواءِ سرڪاري اسڪولن ۾ به ٻوليءَ جا ڄاڻو استاد نه هجڻ سبب به رس چس واري ٻولي ٻُسي ٻُسي ٿيندي پئي وڃي. نه ته جيڪڏهن ٻارن کي رڳو ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ ڌيان ۽ سمجهاڻيءَ سان پڙهائجي، ته به ٻار لکت ۽ ڳالھائڻ جو اصولي طريقو سکي سگهي ٿو ۽ ڪَچي وهيءَ ۾ سکڻ سبب، کيس سڄي عمر ياد به رهندو.
سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ ۽ ان تي سنڌيءَ سافٽ ويئر اچڻ سان ٻه متضاد ڳالھيون سامهون آيون آهن. هڪ ته ٻوليءَ جي بقاءَ جي وڏي حد تائين ضمانت به ملي آهي، ته ٻي پاسي هر ماڻهوءَ جي شاعر ۽ ليکڪ ٿيڻ جي شوق، ٻوليءَ ۾ بگاڙ کي به وڌايو آهي، مٿان وري ظلم اهو ته جيڪي ماڻهو، خاص ڪري نوجوان ٻوليءَ ڏانهن جذباتي آهن، اهي خود، زنده ٻوليءَ جي وصف، اُسرڻ ۽ بگاڙ جي فرق کي نٿا سمجهن. نتيجي ۾ غلط فھمين جو شڪار ٿين ٿا ( ان موضوع تي الڳ سان ڪڏهن لکبو)
اڄ هن مضمون جو مقصد اهو آهي، ته لکت ۽ ڳالھائڻ ۾ ٻوليءَ جي بگاڙ بابت عام خاص سببن ۽ درست استعمال بابت بنيادي ڄاڻ دوستن، خاص ڪري نوجوانن تائين پھچائجي. تنھن ڪري ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ ۾ لکڻ يا ديوناگري لَپي بابت بحث کي ڇڏي، اسان هتي مُستَنَد يا معياري ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ عام غلطين ۽ درست استعمال بابت ذڪر ٿا ڪريون. جيئن ته پاڻ وٽ هن وقت رائج سنڌي، عربي لَپي ۾ آهي. جنهن جي اکرن واري پٽيءَ ۾ ٻاونجاھ اکر آهن. الف همزي جي موجودگي، وچ ۾ الف جي جڳھ تي استعمال لاءِ آهي، يعني اهو الف جو ئي آواز آهي، تنھنڪري سنڌي اکرن واري پٽيءَ ۾، عربي، فارسي ۽ سنسڪرت سميت ڪل ايڪونجاه اُچار آهن. پر هر وڏي ٻوليءَ جو فطري مزاج ۽ رواني الڳ هوندي آهي ۽ ڳالھائڻ سکڻ واري عمر ۾ مادري ٻولي ڳالھائڻ وقت، ڳالھائڻ ۾ استعال ٿيندڙ عضون جي حرڪت جو بنياد اهڙو پئجي ويندو آهي، جو ٻي ٻوليءَ وارا مختلف اُچار اُچارڻ تقريبن نا ممڪن يا بيحد ڏکيا ٿي پوندا آهن. جڏهن اهي اُچاربا آهن ته غير فطري لڳندا آهن. تنھنڪري اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته پرائمري اسڪول ۾ پهچڻ تائين سنڌ جو عام ٻار الفابيٽ جا سمورا ايڪونجاه اُچار ڳالهائي سگهي ۽ نه ئي سڀ استاد ڳالھائي سگهندا آهن ( عربي ۽ سنڌيءَ تي هڪ ئي وقت عبور رکندڙ استاد کانسواءِ) ز، ذ، ض، ظ جيڪي عربيءَ ۾ چار الڳ اُچار آهن، پر انھن جي جاءِ تي اسان صرف ز ئي استعمال ڪندا آهيون. اهڙي ريت، ت ۽ ط مان صرف ت, ث، س ۽ ص مان اسان صرف س جو استعمال ڪندا آهيون. ع ۽ الف جي جاءِ تي به صرف الف. ح جي جاءِ تي به ھ ۽ ٻنھي قافن يعني، ق ۽ ڪ جي جاءِ تي صرف ڪ استعمال ڪندا آهيون، جيڪي خراب نٿا لڳن. پر خ ۽ ک، غ ۽ گ جو فرق وڌيڪ واضع آهي، تنھنڪري جڏهن به خ بدران ک ۽ غ جي بدران گ استعمال ڪيو وڃي ٿو ته، ڄٽڪو لھجو لڳندو آهي. مثال طور: جڏهن اوهان خبر کي کبر چوندئو يا غلام کي گلام چوندئو ته خراب لڳندو. تنهنڪري اهي اُچار چِٽا اچارڻ گهرجن . اهڙي طرح ف ۽ ڦ جي اچارن ۾ به ڪافي فرق آهي. ڦ جيڪو نج سنڌي اچار آهي، تِنھن جي حالت به قابلِ رحم آهي، ستر ــ اسي سيڪڙو ماڻهو ڦ جي جاءِ تي به ف استعمال ڪن ٿا ۽ هاڻ ته لکت ۾ به اهو سلسلو عام ٿيندو پيو وڃي. سو جيڪڏهن سنڌي اکرن واري پٽيءَ مان، ذ، ض, ظ، ث، ص، ح، ط, ع، ق ڪڍي به ڇڏجن ۽ ھمزو ( ء) هونئن ئي الف جو آواز آهي، ته سنڌي ماڻهن کي گهٽ گهٽ ۾ ٻاءتاليھ اُچار ضرور اُچارڻ گهرجن . خاص ڪري، ڳائڻا، صداڪار، اداڪار، اينڪر پرسن، ميزبان، آر جيز ۽ نيوز ڪاسٽرن وغيره کي ته اهي اچار، ڪنهن به صورت ۾ صاف اچارڻ گهرجن.
تنھن کانپوءِ ٻوليءَ جي بگاڙ ۽ مونجهارن جو سبب آهي اسمن ۽ جنسن جي فرق جو. جيئن ته سنڌي ٻولي هڪ مڪمل ٻولي آهي، تِنهن ڪري اُن ۾ استعمال ٿيندڙ هر اسم جي جنس مقرر ٿيل آهي، پر اردو، بلوچي ۽ ٿري ٻولين جي اثر سبب، اسمن جي جنس جو بگاڙ صفا عام ٿي پيو آهي، جيئن: صُبُحُ، ڪِتابُ، اِطلاعُ، فِڪُر،آواز، نظم، غزل ۽ اسڪول وغيره سنڌيءَ ۾ مذڪر آهن، پر لاتعداد ماڻهو اُنهن کي مؤنث ڪري، نه صرف ڳالھائن ٿا پر لکن به ٿا! اهڙي ريت موسم، دل، منع، چانھِ وغيره مؤنث اسم آهن، پر اُنهن کي مذڪر به استعمال ڪيو ٿو وڃي! ڪي ٿورڙا اسم اهڙا آهن، جيئن، بقاءَ ، مهورت، پگهار، اجرڪ ، ڀُنگ، اولاد، رَتُ، بهار ۽ طُھر وغيره جيڪي سنڌ ۾ ٻنھي جنسن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. جن مان به اولاد ۽ رَتُ مذڪر، اَجرَڪَ ۽چانھِ مونث آهن. باقي صفا ٿورڙن لفظن تي انا يا ضد نه پر علمي مباحثو ٿيڻ گهرجي ۽ سوچ وڏي رکندي، انهن کي تڪراري نه بنائڻ گهرجي. هتي آئون اسمن جي جنس جي واحد ۽ جمع بابت بنيادي قاعدا ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ته جيئن نوجوانن لاءِ سھولت ٿي پوي. جنهن ۾ ڪا عربي يا فارسي ڪانھي، جيڪي صفا سَوَلا ۽ هر ماڻهوءَ کي سمجھ ۾ اچڻ جهڙا آهن. انھن کي سمجهڻ/سکڻ، هر استاد، شاگرد، لکندڙ- پڙهندڙ ۽ ڳالھائيندڙ جي ذميواري آهي. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي فطري مزاج مطابق سنڌيءَ ۾ اسمن جي پڇاڙي مُتحرڪ هوندي آهي، يعني آخر ۾ زبر، زير، پيش،آ، او، ي (مجهول ) يا يِ (معروف) لڳندا آهن، تنھنڪري انھن جي واحد جمع جو قانون به انھن مُتحرڪ پڇاڙين جي آواز سان لاڳاپيل آهي. جنھن جو هڪ قاعدو آهي پر ڪي ٿورڙا اسم اهڙا آهن، جيڪي هن قاعدي کان ٻاهر آهن. قاعدو ايئن آهي ته، جن مذڪر واحد اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ پيش لڳو ٿو، انهن ۾ پيش جي جڳھ تي زبر لڳائڻ سان واحد مان جمع ٿي ويندو آهي. جيئن: ڀِتَرُ معنا هڪ ۽ ڀِتَرَ معنا گهڻا. جيئن چَنڊُ معنا هڪ، چنڊَ معنا گهڻا. ڪِتابُ معنا هڪ، ڪِتابَ معنا گهڻا. اهڙي ريت جن مّذڪر اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ واوُ لڳندو آهي، انھن ۾ واوُ جي جڳھ تي الف لڳائڻ سان جمع ٿيندو آهي. جيئن : ڍڳو معنا هڪ ۽ ڍڳا معنا گهڻا. رَسو معنا هڪ، رسا معنا گهڻا. ائين جن مذڪر اسمن جي اڳيان زير واري اُچار سان يِ، يعني ي معروف لڳندي آهي، ان جو جمع ۽ واحد ساڳيو رهندو آهي، جيئن: ماضِي، رازِي، حاجِي، جانِي وغيره جو واحد جمع ساڳيو آهي. اهڙي ريت جن اسمن جي پچاڙيءَ ۾ پيش سان و لڳندو آهي، ان جو جمع به ساڳيو هوندو آهي، جيئن: وَلُو، گهَلُو، ساڌُو وغيره جو جمع به ساڳيو آهي. جن اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ الف واوُ نون گُھڻي سان لڳندو آهي، تن جو جمع به ساڳيو هوندو آهي، جيئن: پنُهون، ٻَٽُون، ڀَٽُون، وغيره.
هاڻي اچون ٿا مؤنث اسمن جي قاعدي تي. جيئن ته هي هڪ صفا سئولو قاعدو يا اصول آهي، جيڪو عام ماڻهو ته ٺهيو، پر لکندڙ پڙهندڙ دوست به سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن. اڪثر مؤنث واحد اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته زبر لڳندي آهي يا زير يا يِ معروف لڳندي آهي يا آ لڳندو آهي. جن مونث اسم جي پڇاڙيءَ ۾ زبر لڳندي آهي، ان جي جمع ٺاھڻ لاءِ آخر ۾ ” واوُ ۽ نون گُهڻو“ لڳندو آهي. جيئن : کَٽَ جو جمع کَٽُون، نَٿَ جو جمع نَٿُون، ٽَلَ جو جمع ٽَلون، بَسَ جو جمع بَسون وغيره آهي. جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ زير لڳندي آهي، انهن جي جمع ٺاهڻ لاءِ، پڇاڙيءَ ۾ ي و ن( يُون) لڳندو آهي. جيئن: اَکِ جو جمع اکيون، ڀِتِ جو جمع ڀِتيون، لَٺِ جو لٺيون، دِلِ جو جمع دليون وغيره آهي. اهڙيءَ ريت جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ يِ معروف لڳندي آهي، ان جي جمع لاءِ به ”يُون“ لڳندو آهي، جيئن: ڪهاڙي، ٻاڙي، گاڏي، ٽاري وغيره انھن جو جمع، ڪهاڙيون، ٻاڙيون، گاڏيون، ٽاريون وغيره ٿيندو. ڪن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ آ لڳندو آهي، انهن جو جمع ٺاهن لاءِ ء و ن( ئون) لڳائڻا پوند آهن. جيئن: هوا، ڌارا، هچا، يعني انھن جو جمع، هوائون، ڌارائون، هچائون وغيره ٿيندو. اهڙي ريت ڪن ٿورڙن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ پيش لڳندو آهي( هڪ اهم نڪتو اهو به آهي ته ڪي ٿورڙا مذڪر ۽ مونث اسم اهڙا به آهن، جن جي اُچار يا واحد جمع جا اصول بي قاعدي آهن) سو جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ پيش لڳندو آهي، اهي بي قاعدي وارا اسم سڏبا آهن جيئن: ماءُ، ڌيءُ، سَسُ، وِڄُ وغيره مونث اسم آهن، پر هنن جي پڇاڙيءَ ۾ پيش آهي ۽ هنن جي جمع جو ڪو به قائدو ڪونھي. مطلب هنن جو جمع مائرون، ڌيئر، سَسوُن، وڄوُن وغيره آهي. اهڙي ريت پيءُ جو جمع پيئر ۽ ڀاءُ جو جمع ڀائر به بي قاعدي آهن. هتي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھ ڪندو هلان، ته لفظ ”سيٺِ“مذڪر آهي، پر ان جو جمع، ان ڪري سيٺيون آهي، ڇو جو سيٺِ جي پڇاڙيءَ ۾ زير آهي، ۽ ڏيڍِ لفظ جي آخر ۾ به زير آهي، تنھنڪري ڏيڍ جوجمع ڏيڍيون آهي. اهڙي ريت ٻٽي لفظ ڪم ڪارِ جي آخر۾ به زير آهي، تنهنڪري ان جو جمع به ڪم ڪاريون آهي. تِنھن ڪري آئون ان نتيجي تي پھتو آهيان، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد ۽ جمع جو بنياد ئي اچارن تي بيٺل آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي فطري حسن ۽ وُسعت جو هڪ ٻيو مظھر هيءُ به آهي ته سنڌيءَ ۾ مذڪر ۽ مؤنث اسمن لاءِ اِشارتي لفظ الڳ الڳ آهن، پر اردو سميت ٻين وڏين ٻولين ۾ به ائين ڪونھي، مثال: اردوءَ ۾ چئبو ڪوئي گاڙي آئي هي، ڪوئي عورت ٿي، ڪوئي مرد ٿا، ڪوئي استاد ٿا يا ڪوئي استاني ٿي. يعني ٻنھي جنسن بابت جملن ۾ لفظ ”ڪوئي“ استعمال ٿيا. جڏهن ته سنڌي ۾ مذڪر لاءِ، ڪو، سو، جو، جيڪو ۽ مونث لاءِ ڪا، سا، جا، جيڪا استعمال ٿيندا آهن. جيئن مذڪر اسمن لاءِ: ڪو ڍڳو، سو ڇوڪرو، جيڪو ڪتاب وغيره. مؤنث اسمن لاءِ: ڪا ڍڳي، سا ڇوڪري، جيڪا ڳالھ وغيره. اهڙي ريت سنڌيءَ ۾ ”ڪونھي“ مذڪر اسم لاءِ ۽ ”ڪانھي“ مونث اسم لاءِ آهي. پر اسانجا اڪثر دوست ”ڪا ڳالھ ڪانھي“ کي ”ڪو ڳالھ ڪونھي“ يا ”فِلاڻو گهر ڪونھي“ کي ”فِلاڻو گهر ڪانھي“ ڳالھائيندا آهن! جيڪو پڻ ٻوليءَ جي حسين چھري تي تيزاب هارڻ برابر آهي.
اهڙي ريت سنڌيءَ ۾ ڳڻپ جي حوالي سان به جملي جي بيھڪ يا نوعيت جي نسبت سان درست جملا استعمال ڪرڻ ۾ انفراديت ۽ سونھن آهي. جيڪو ٻوليءَ جي وسعت جو ثبوت آهي. مثال اردوءَ ۾ چئبو، آج ڪونسي تاريخ هي، ان جو سنڌي ترجمو ٿيندو، اڄ ڪھڙي تاريخ آهي. جيڪو جملو غلط آهي . درست جملو ٿيندو اڄ ڪائين تاريخ آهي؟ اهو جملو ئي درست جواب ٿيندو، اڄ پنجين تاريخ آهي يا ارڙهين تاريخ آهي، نه ڪي، پنج تاريخ يا ارڙهن تاريخ. اردوءَ ۾ پڇبو آهي: آپ ڪونسي ڪلاس ۾ پڙهتي هين؟ پر سنڌيءَ ۾، ڪھڙي ڪلاس نه، پر ڪائين ڪلاس چئبو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جو هڪ نئون حوالو اهو به آهي، ڪي اڌ پڙهيا يا غير ذميوار ماڻھو، سنڌ کي سنڌھ، سنڌڙيءَ کي سنڌھڙي، ڊگهڙيءَ کي ڊگري يا ڊگڙي، گولاڙچيءَ کي گولارچي، عمرڪوٽ کي عمر کوٽ يا عمرڪوٹ لکن ۽ پڙهن ٿا. جيڪو پڻ ٻوليءَ سان وڏو ظلم آهي. ساڳي طرح، ڀر پاسي کي آس پاس. ڄڃ کي بارات. ڳڻپ کي گنتي وغيره جو استعمال هاڻي ڳوٺن تائين به پھچي چڪو آهي.
ائين اسان وٽ اخباري دنيا ۾ ڪجھ مخصوص جملا، ڏهاڪن کان لڳاتار بگاڙ جو شڪار آهن ۽ اهو بگاڙ هاڻ سوشل ميڊيا تي صفا عام آهي، جيئن درست جملو ٿيندو :” کپري ۾ چوريءَ جي واردات“ پر اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي لکجي ٿو” کپرو ۾ چوري جي واردات“ يا لکن ٿا ” عطا محمدي ڀنڀرو لکيو آهي“ درست جملو ٿيندو” عطا محمد ڀنڀري لکيو آهي “ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ انفراديت ۽ سونھن اها به آهي ته زير واري يِ( ي معروف) کانپوءَ اڳيون لفظ گنڍيندڙ هجي ته ”ءَ“ جو استعمال وڏو خوبصورت ۽ منفرد لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي ٻوليءَ جو فطري رنگ آهي. جيئن: جهوليءَ ۾ آھي، ٻوليءَ جي ڪري. رليءَ تي آهي، ٻليءَ جو ٻچو وغيره. اھڙن جملن مان همزو حذف ڪرڻ به ٻوليءَ سان نا انصافي آهي. پڪ ڪجي ٿي ته دوست ٻوليءَ جي اهميت کي سمجهندي، ٻوليءَ ڏانهن پنھنجن روين کي ذميواراڻو ڪري، پنھنجو فرض ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ بقاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا٠